English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو جي صحافين گڏجاڻي، مختلف معاملن تي ڳالهيون
213 views
|
28th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مختلف ٻاهرين ملڪن طرفان پاڪستان خلاف منفي پروپيگنڊا وڌي رهي آهي: منور عباس سومرو
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)اڄ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا سان اهم ميٽنگ ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده صورتحال، نئين نيشنل ايڪشن پلان ۽ خاص طور تي اليڪٽرانڪ ميڊيا ، پرنٽ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي ذميواراڻي ڪردار بابت تفصيلي گفتگو ڪئي وئي.ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو چيو ته مختلف ٻاهرين ملڪن طرفان پاڪستان خلاف منفي پروپيگنڊا وڌي رهي آهي. پرنٽ ميڊيا ته گهڻو ڪري احتياط ڪندي آهي، پر سوشل ميڊيا خاص ڪري فيس بڪ تي بنا تحقيق مواد پوسٽ جون پوسٽون شيئر ڪيو وڃن جنهن عمل ڪنٽرول ڪرڻ لا۽ اداره متحرڪ آهن ملڪي قومي سلامتي، مذهبي انتشار ۽ سماجي ڏڦيڙ جو سبب بڻجي عوام ۽ ملڪ لاءِ شديد نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.هن واضح ڪيو ته "ڪوڙي، ڀڙڪائيندڙ، ادارن يا ملڪ خلاف، يا مذهبي منافرت ۽ فساد تي مبني مواد" ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته حڪومت نئين قانوني فريم ورڪ تحت خصوصي عدالتون قائم ڪري رهي آهي، جيڪي سوشل ميڊيا جي غيرذميواراڻي استعمال، قومي سلامتي خلاف مواد، يا مذهبي افراتفري پکيڙڻ وارن خلاف ڪيس رجسٽرڊ ڪري قانوني ڪارروائي ڪنديون، ۽ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي کين سزائون پڻ ڏنيون وينديون.هن ميڊيا قلم ڌڻين تي قيادت تي زور ڀريو ته ضلعي ۾ ذميوار صحافت، سوشل ميڊيا نظم و ضبط، ۽ عوامي شعور کي وڌائڻ لاءِ انتظاميا سان مڪمل سهڪار ڪن ۽ ماڻهن کي آگاهه ڪن ته هڪ غلط پوسٽ به ملڪ لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي.ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صدر بلاول سمون، ايوانِ صحافت ٺٽو جي اڪبر دلواڻي، مڪلي پريس ڪلب جي سابق جنرل سڪريٽري شيراز وارو محمد عمر سرائي، اي بي شورو، نذير احمد قريشي ، نثار گندرو الطاف ناريجو ۽ ٻين تجويز پيش ڪئي ته حڪومت انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي سهڪار سان پريس ڪلبن ۾ آگاهي سيمينارن جو سلسلو شروع ڪري، ۽ عوامي سطح تي ليڪچر، سيمينار ۽ سوشل ميڊيا آگاھي مهمون منظم ڪيون وڃن، جيئن شهرين ۾ ذميوار آن لائين رويو پيدا ٿئي.اجلاس جي پڄاڻي تي صحافين ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو کي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريندي چيو ته ضلعي ۾ امن، قومي سلامتي ۽ ذميوار صحافت جي پاليسي تي عملدرآمد لاءِ صحافي برادري هر وقت انتظاميا سان ڪلهي سان ڪلهو ملائي هلندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو
0 تبصرے