English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي عمرڪوٽ جي يومِ تاسيس جي حوالي سان گڏجاڻي
225 views
|
28th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سٽي صدر عبدالله کوسو جي صدارت هيٺ کوسا هائوس عمرڪوٽ ۾ گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي عمرڪوٽ پاران يومِ تاسيس جي سلسلي ۾ سٽي صدر عبدالله کوسو جي صدارت هيٺ کوسا هائوس عمرڪوٽ ۾ هڪ اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته يومِ تاسيس جي جلسي عام کي تاريخي بڻائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ماڻهن جي شرڪت يقيني بڻائي ويندي، جنهن لاءِ مختلف برادرين، وارڊن ۽ علائقن ۾ وسيع رابطا مهم هلائي ويندي، اجلاس ۾ خطاب ڪندي سٽي صدر عبدالله کوسو ۽ ٻين عهديدارن چيو ته پيپلز پارٽي عوام جي آواز ۽ اميدن جي علامت آهي، تنهن ڪري يومِ تاسيس واري پروگرام ۾ ڀرپور شموليت ذميواري ۽ محبت ٻنهي جي علامت آهي، هنن چيو ته هر ورڪر پنهنجي وارڊ، برادري ۽ پاڙي ۾ وڃي عوام کي وڏي انگ ۾ جلسي ۾ شرڪت لاءِ تيار ڪري، اجلاس ۾ مهمانِ خاص طور سينيئر نائب صدر برهان الدين ڪنڀر ۽ انفارميشن سيڪريٽري گھنشام بجير شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ چيتن گوئل جنرل سيڪريٽري، شوڏان سينيئر نائب صدر، موتيرام ميگھاڻي انفارميشن سيڪريٽري، سومار ٻٻر نائب صدر، ساجد ڪنڀر نائب صدر، عبدالغفور رند ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، موليڏنو بجير رڪارڊ واقعات، ڪانجي مل، ڪامريڊ ٽيڪم مالهي ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري، شڪيل ڪنڀر ۽ سيد ياور عباس پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، آخر ۾ قيادت پاران ورڪرن کي هدايت ڪئي وئي ته هو تنظيم جي طاقت وڌائڻ لاءِ عوامي رابطا وڌائين ۽ يومِ تاسيس جي تاريخي پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ ۾ پنهنجو مڪمل ڪردار ادا ڪن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي عمرڪوٽ
0 تبصرے