English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي عمرڪوٽ جي يومِ تاسيس جي حوالي سان گڏجاڻي
75 views
|
28th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سٽي صدر عبدالله کوسو جي صدارت هيٺ کوسا هائوس عمرڪوٽ ۾ گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي عمرڪوٽ پاران يومِ تاسيس جي سلسلي ۾ سٽي صدر عبدالله کوسو جي صدارت هيٺ کوسا هائوس عمرڪوٽ ۾ هڪ اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته يومِ تاسيس جي جلسي عام کي تاريخي بڻائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ماڻهن جي شرڪت يقيني بڻائي ويندي، جنهن لاءِ مختلف برادرين، وارڊن ۽ علائقن ۾ وسيع رابطا مهم هلائي ويندي، اجلاس ۾ خطاب ڪندي سٽي صدر عبدالله کوسو ۽ ٻين عهديدارن چيو ته پيپلز پارٽي عوام جي آواز ۽ اميدن جي علامت آهي، تنهن ڪري يومِ تاسيس واري پروگرام ۾ ڀرپور شموليت ذميواري ۽ محبت ٻنهي جي علامت آهي، هنن چيو ته هر ورڪر پنهنجي وارڊ، برادري ۽ پاڙي ۾ وڃي عوام کي وڏي انگ ۾ جلسي ۾ شرڪت لاءِ تيار ڪري، اجلاس ۾ مهمانِ خاص طور سينيئر نائب صدر برهان الدين ڪنڀر ۽ انفارميشن سيڪريٽري گھنشام بجير شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ چيتن گوئل جنرل سيڪريٽري، شوڏان سينيئر نائب صدر، موتيرام ميگھاڻي انفارميشن سيڪريٽري، سومار ٻٻر نائب صدر، ساجد ڪنڀر نائب صدر، عبدالغفور رند ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، موليڏنو بجير رڪارڊ واقعات، ڪانجي مل، ڪامريڊ ٽيڪم مالهي ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري، شڪيل ڪنڀر ۽ سيد ياور عباس پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، آخر ۾ قيادت پاران ورڪرن کي هدايت ڪئي وئي ته هو تنظيم جي طاقت وڌائڻ لاءِ عوامي رابطا وڌائين ۽ يومِ تاسيس جي تاريخي پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ ۾ پنهنجو مڪمل ڪردار ادا ڪن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي عمرڪوٽ
0 تبصرے