English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو جي صدارت ھيٺ پوليو مهم بابت اجلاس
271 views
|
27th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ ڊي ايڇ او سيد صفدر حسين شاهه ۽ اميونائيزيشن آفيسر ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر لائقا ۽ ٻيا شريڪ
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو جي صدارت ھيٺ 15 کان 22 ڊسمبر 2025 تائين شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت دربار هال مڪلي ۾ اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڊي ايڇ او سيد صفدر حسين شاهه ۽ اميونائيزيشن آفيسر ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر لائقہ سميت يونيسيف، صحت، تعليم، لوڪل گورنمينٽ، مرف، پي پي ايڇ آءِ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ مختلف اسٽيڪ هولڊرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايندڙ پوليو مهم کي تيز ڪندي پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي اهميت ۽ معياري مائڪرو پلان جوڙن تي زور ڏنو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڊي ايڇ او سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرن تي زور ڀريو ته پوليو ٽيمن جي نگراني تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته يو سي ايم اوز ۽ ايريا انچارجز سميت گهربل عملي جي موجودگي ۽ اعليٰ معيار جي تربيت کي پڻ يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته پوليو ٽيمن جي گهر گهر موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رھجي نه وڃي. هن چيو ته پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان انڪار جي صورت ۾ مقامي معززين کان مدد ورتي وڃي ته جيئن انڪار ڪندڙ ٻارڙن کي به پوليو جا ڦڙا پياري سگهجن. هن چيو ته اسان سڀني کي هن قومي مقصد ۾ گڏجي محنت ۽ جدوجهد ڪرڻي پوندي ته جيئن ملڪ مان پوليو جو خاتمو آڻي سگهجي. اجلاس ۾ مهم دوران درپيش چئلينجن تي بحث ڪيو ويو ۽ مستقبل لاءِ ايڪشن پلان پڻ تيار ڪيو ويو. ان کان اڳ اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر راجيش ڪُمار ايندڙ مهم جي تيارين ۽ درپيش مسئلن بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. هن ٻڌايو ته ايندڙ مهم دوران ضلعي ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ گشتي، فڪسڊ ۽ ٽرانزٽ ٽيمون جوڙيون ويون آهن تہ جيئن مهم کي سئو سيڪڙو ڪامياب بڻائي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو
صدارت ھيٺ پوليو مهم بابت اجلاس
0 تبصرے