English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ روبِيلا ۽ اُرڙي کان بچاءَ، بروقت ويڪسينيشن ۽ عوامي شعور بيداري بابت سيمينار منعقد
183 views
|
14th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سيمينار ۾ ضلعي انتظاميا، صحت کاتي جي آفيسرن، استادن، هيلٿ ورڪرن ، سول سوسائٽي جي نمائندن جي شرڪت
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) صحت کاتي ٺٽي پاران روبِيلا ۽ اُرڙي کان بچاءَ، بروقت ويڪسينيشن ۽ عوامي شعور بيداري بابت وي ڪيئر هائوس مڪلي ۾ شاندار آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ضلعي انتظاميا، صحت کاتي جي آفيسرن، استادن، هيلٿ ورڪرن ، سول سوسائٽي جي نمائندن سميت عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاه چيو ته روبِيلا ۽ اُرڙي جهڙيون بيماريون خطرناڪ وائرل بيماريون آهن، جيڪي ٻارن جي صحت ۽ زندگي لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهن ٿيون پر جيڪڏهن بروقت ويڪسين لڳرايون وڃن ته انهن جو مڪمل خاتمو ممڪن آهي. هن چيو ته صحت جي عالمي اداري موجب انهن بيمارين جي روڪٿام جو واحد رستو مؤثر ويڪسينيشن مهم آهي، ان ڏس ۾ صحت کاتو ٺٽو 17 کان 29 نومبر 2025ع تائين خاص مهم هلائي رهيو آهي، جنهن دوران 6 مهينن کان 5 سالن تائين جي سڀني ٻارن کي حفاظتي ٽِڪا لڳايا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته والدين جي ٿوري بي ڌياني ٻارن کي شديد خطري ۾ وجهي سگهي ٿي، تنهنڪري هر ٻار جي ويڪسينيشن وقت سر ڪرائڻ نه صرف سماجي ذميواري آهي پر انهن جي مستقبل جي ضمانت پڻ آهي. ڊاڪٽر صفدر علي شاه ٻڌايو ته روبِيلا ۽ اُرڙي سبب ٻارن ۾ نمونيا، دماغي سوجن، معذوري ۽ موت تائين جا خطرا وڌي ويندا آهن، تنهنڪري بروقت حفاظتي ٽِڪو لڳرائڻ زندگي بچائڻ برابر آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فهيم چيو ته ضلع ۾ روبِيلا ۽ اُرڙي جي روڪٿام سنڌ حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ضلعي انتظاميا هن مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي. هن چيو ته آگاهي کان سواءِ بيمارين تي ضابطو ممڪن ناهي، تنهنڪري عوام کي انهن خطرناڪ بيمارين کان بچائڻ لاءِ شعور جي بيداري لازمي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هر ماءُ پيءُ جي ذميواري آهي ته هو ٻارن کي قيمتي جان سمجهي انهن جي صحت تي ڪابه رعايت نه ڪن، انتظاميا ۽ صحت کاتو گڏجي گهر گهر آگاهي پهچائڻ ۽ والدين کي ويڪسينيشن جي اهميت سمجهائڻ لاءِ گڏيل قدم کڻي رهيا آهن. فوڪل پرسن ڊاڪٽر بخت علي، سول سرجن ڊاڪٽر يامين شاه، ڊاڪٽر راجيش ڪمار ۽ ٻين چيو ته روبِيلا ۽ اُرڙي اهڙا وائرس آهن، جيڪي هڪ متاثر شخص کان تيزيءَ سان ٻين تائين منتقل ٿي وڃن ٿا، تنهنڪري هر ٻار جي پهرين ۽ ٻي خوراک لازمي آهي. هنن والدين کان اپيل ڪئي ته ويڪسينيشن ٽيمن سان مڪمل تعاون ڪن. ان موقعي تي ٻين مقرر روبِيلا ۽ ارڙي جي پکڙجڻ ۽ علامتن بابت تفصيلي آگاهي پڻ ڏني.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں فیصلہ کن کارروائی: 145 دہشت گرد ہلاک، ریاست کے آگے سرنڈر نہیں کریں گے — سرفراز بگٹی
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں فیصلہ کن کارروائی: 145 دہشت گرد ہلاک، ریاست کے آگے سرنڈر نہیں کریں گے — سرفراز بگٹی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ۾ روبِيلا ۽ اُرڙي کان بچاءَ،
0 تبصرے