English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پوليس ذريعي اليڪشن ۾ ٺپا ھڻائي کٽڻ وارا ھاڻي دانھون ڪن پيا: پي ٽي آءِ اڳواڻ لالچند مالھي
202 views
|
13th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
نواب تيمور ٽالپر جي ايس ايس پي بابت بيان تي لالچند مالهي جو موقف سامهون اچي ويو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)پ پ ايم پي اي تيمور ٽالپر پاران ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير ميمڻ خلاف ڏنل بيان بعد پي ٽي آئي منارٽي ونگ جي مرڪزي صدر ۽ اڳوڻي ايم اين اي لالچند مالھي چيو آھي ته پوليس ذريعي اليڪشن ۾ ٺپا ھڻائي کٽڻ وارا ھاڻي دانھون ڪن پيا. عمرڪوٽ ۾ منشيات سڌي يا اڻ سڌي طرح چونڊيل نمائندا ھلائڻ ٿا. سياسي اڳواڻ جيڪڏھن منشيات بند ڪرائڻ چاھن ٿا تہ عوام جي سامھون حلف ڏين ته منشيات وڪرو ڪندڙن جو ساٿ نه ڏيندا. لالچند مالهي ڪنري ويجھو ڳوٺ ميمڻ ڪنري ۾ صحافين سان ڳالھائيندي وڌيڪ چيو ته گذريل 20 سالن کان ضلعو منشيات جو ڳڙھ بڻيل آھي. هي بنيادي طرح ڪاروباري جيھڙو آھي جيڪو چونڊيل نمائندن ۽ سندس ڇاڙتن ۾ آھي. هنن جي آشيرواڌ بغير پوليس کي ڪوبه ھمت ناهي ته هو منشيات هلائي. لال مالهي سياسي صورتحال ۽ آئين ۾ ترميم بابت چيو ته ذوالفقار ڀٽو جي ٺاهيل آئين کي سندس ڏوھٽي بلاول ڀٽو معرفت ختم ڪيو ويو آھي، عدليا کي ختم ڪيو ويو آھي، صدر تي اڳ به ڪرپشن جا ڪيترائي ڪيسز هلندڙ آھن ان کي ڇوٽ ڏني وئي آھي اهو سڀ ڪجھ عمران خان جي خوف سبب ڪيو پيو وڃي ته هو ايندو ۽ سڀني چورن کي نه ڇڏيندو، جيستائين ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه ايندو، عوامي ميڊينٽ کي قبول نه ڪيو ويندو تيسين ملڪ بحران مان نڪري سگهندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پي ٽي آءِ اڳواڻ لالچند مالھي
نواب تيمور ٽالپر جي ايس ايس پي
0 تبصرے