ملير جي برهاني ٽائون ۾ جوڙي جا گهر مان لاش هٿ

نوجوان پاران زال کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪرڻ جا چوٻول

ملير جي برهاني ٽائون ۾  جوڙي جا گهر مان لاش هٿ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي برهاني ٽائون ۾ هڪ گهر مان مڙس ۽ زال جا لاش هٿ آيا جن جي سڃاڻپ زیشان ۽ ثنا جي نالن سان ٿي آهي واقعي جي اطلاع ملڻ تي ملير سٽي پوليس ۽ ڪرائيم سين يونٽ جي ٽيم ڦوڙائي طور واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال جو جائزو ورتو. لاش جو معائنو ڪندي پوليس ڄاڻايو ته مڙس جو لاش ڦاھي واري حالت ۾ لٽڪيل مليو، جڏهن ته زال جو لاش زمين تي پيو هو. پاڙيسرين مطابق مڙس ۽ زال جي وچ ۾ تڪرار معمول جو حصو بڻيل هو. گھر ۾ سندن ٽي ٻار به موجود هئا. 12 ورهين جي پٽ موجب والدين وچ ۾ هڪ معمولي ڳالهه تي جھڳڙو ٿيو جيڪو وڌي ويو پوليس جي ابتدائي معلومات مطابق، مڙس پهرين زال کي قتل ڪيو، پوءِ پاڻ کي رسو ڪمري جي ڇت سان ٻڌي پاڻ کي لٽڪائي ڦاهو کاڌو .ملير پوليس چيو آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ هر پهلوءَ جي تحقيقات ڪئي پئي وڃي ته جيئن حادثي جي اصل سبب معلوم ٿي سگهي.