English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسٽيل ملز ملازمن تي پوليس جي چڙهائي ، لٺبازي ۽ فائرنگ ڪيترائي زخمي
views
|
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
گيسٽ هائوس جا تالا ٽوڙي سي اي او کي ٻاهر ڪڍيو ويو، 40 کان وڌيڪ ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل ملز جي ملازمن پاران پنهنجن مطالبن جي حق ۾ جاري احتجاج تي پوليس چڙهائي ڪري اسٽيل ٽائون گيسٽ هائوس اڳيان احتجاج ڪندڙ ملازمن، پيپلزپارٽي جي مقامي اڳواڻن ۽ چونڊيل مڪاني نمائندن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي آهي اها ايف آئي آر اسٽيل ملز جي سيڪيورٽي اهلڪار منير جي مدعيت ۾ اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي.ايف آءِ آر موجب مظاهرو ڪندڙن گيسٽ هائوس جي مکيه دروازي کي تالا هڻي احتجاج شروع ڪيو، جنهن سبب سرڪاري عملي ۽ انتظاميا کي عمارت اندر وڃڻ ۾ رنڊڪ پئي.احتجاج دوران مظاهرو ڪندڙن انتظاميا خلاف سخت نعرا هنيا. ايف آءِ آر ۾ ڌڻي بخش سمون، رائو صفدر حيات، مير عباس ٽالپر ۽ 40 کان وڌيڪ اڻڄاتل ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي. مٿن سرڪار ڪم ۾ مداخلت، غيرقانوني ميڙاڪو ڪرڻ ، رستو بند ڪرڻ ۽ امن امان ۾ خلل وجهڻ جي قلم لاڳو ڪيا ويا آهن واضح هجي ته اسٽيل ملز جا ملازم گذريل 100 ڏينهن کان پنهنجن مطالبن لاءِ ڌرڻو هڻي احتجاج ڪري رهيا هئا۔ ملازمن جا مطالبا هئا ته برطرف ملازمن کي بحال ڪيو وڃي، بقايا واجبات ادا ڪيا وڃن، پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي بحال ڪئي وڃي۔ رات دير سان پوليس چڙهائي ڪري احتجاج ڪندڙ ملازمن، پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن ۽ چونڊيل مڪاني نمائندن تي لٺبازي ۽ فائرنگ ڪئي۔ اکين ڏٺن شاهدن موجب پوليس ملازمن کي منتشر ڪرڻ کان پوءِ گيسٽ هائوس جا تالا ٽوڙي اندر داخل ٿي جتان سي اي او اسٽيل ملز کي ٻاهر ڪڍي گهر روانو ڪيو ويو۔ واقعي دوران ڪيترائي ملازم زخمي ٿيا پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته احتجاج ڪندڙن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ سرڪاري عملي کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو، جنهن سبب ڪارروائي ضروري هئي۔ ٻئي پاسي ملازمن جو مؤقف آهي ته سندن احتجاج پرامن هو ۽ هو صرف حڪومت کان پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا۔واقعي کان پوءِ گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جي رهواسين ۾ سخت ڪاوڙ پکڙيل آهي ۽ وڌيڪ گرفتاريون ۽ ڇاپا هڻڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ٻي طرف هنگامي اجلاس طلب ڪري ايندڙ لائحه عمل جوڙڻ جون تيارين شروع ڪيون ويون آهن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Nov 2025
•
پاکستان
ایف ایف سی کو "کمپنی آف دی ایئر ایوارڈ" سے نوازا گیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں 27ویں آئینی ترمیم پیش — حکومت کی پوزیشن مضبوط، اپوزیشن کا واک آؤٹ
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
نواز شریف کی قومی اسمبلی آمد — ایوان میں لیگی ارکان کا پرتپاک استقبال، بلاول بھٹو نے بھی مصافحہ کیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں ہنگامہ — محمود خان اچکزئی نے 27ویں آئینی ترمیم کے بل کی کاپی پھاڑ دی
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اينٽي ھيومين ٽريفڪنگ جو اجلاس
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سامارو شھر ۾ اي سي سنجي ڪمار ترڪيو پاران کلي ڪچري منعقد
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ورلڊ بينڪ جي ٽيم پاران ڳاڙهو، ڪيٽي بندر ۽ گهوڙا ٻاري جا دورا
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جو ايس ايس پي پئسي جو شوقين آھي، کيس جلد گهر ڀيڙو ڪرايو ويندو: نواب تيمور ٽالپر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
اسٽيل ملز ملازمن تي پوليس
گيسٽ هائوس جا تالا ٽوڙي سي
0 تبصرے