English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڀرياروڊ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس چوڪي تي حملو، 2 اهلڪار شهيد, جنازي نماز ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻيا شريڪ
110 views
|
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
حملي ۾ جمعدار غلام حسين راڄپر ۽ سعيد سولنگي شهيد، هٿياربند سندن هٿيار به کڻي ويا
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ضلعي جي ڀرياروڊ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس پڪٽ ٽيل شاخ تي نامعلوم هٿياربند پاران فائرنگ ڪري شهيد ڪيل ٻن پوليس اهلڪارن واري واقعي جو گهرو وزير ضياء الحسن لنجار نوٽيس وٺندي ايس ايس پي نوشھروفيروز کان واقعي بابت تفصيل طلب ڪري ورتو آهي جڏهن ته شهيد اهلڪارن جمعدار غلام حسين راڄپر ۽ اهلڪار سعيد سولنگي جي جنازي نماز پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ ادا ڪئي جنهن ۾ آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد فيصل بشير ميمڻ، ايس ايس پي نوشھروفيروز روحل خان کوسو ،ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين حاجي سهيل اختر عباسي سميت شهيد اهلڪارن جي وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد شهيد اهلڪارن جا مڙهه اباڻي ڳوٺ روانا ڪيا ويا هوڏانهن آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس آهي پوليس جتي به ڪم ڪيو آهي اتي ضرور اهڙا واقعا ٿيندا رهندا آهن پر ڏوهاري کي عبرتناڪ سزا ڀوڳڻي پوندي ڪوشش آهي ته پوليس کي سهولتون فراهم ڪيون ته جيئن ڏوهاري ڪارروائين ۾ گهٽتائي اچي سگهي هن چيو ته شهيد اهلڪارن جي وارثن سان سان هن ڏک جي گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون جن جي اولاد کي ٻه ٻه نوڪريون ۽ سوا ٽي ڪروڙ جو پيڪيج ڏنو ويندو ۽ سڄي عمر پوري پگهار ڏني ويندي ضلعي اندر بدامني ۾ ڪافي گهٽتائي آئي آهي پر اڃان به ڏوهارين خلاف ڪارروائي جي ضرورت آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Jan 2026
•
تازہ ترین
پاکستان تحریک انصاف کے جلسے کے دوران ڈیوٹی میں غفلت، آئی جی سندھ نے 5 ڈی ایس پیز کو ہٹا دیا، 6 ایس ایچ اوز معطل
15th Jan 2026
•
سندھ
بی جی سی کا سی آر اے نومتخب باڈی کے اعزاز میں ظہرانہ
15th Jan 2026
•
سندھ
لوکل باڈیز رپورٹرز ایسوسی ایشن(لبرا) کے زیر اہتمام صحافتی خدمات، حقوق و مسائل پر شاندار تاریخی "لوکل باڈیزجرنلسٹس کنونشن " کا انعقاد
15th Jan 2026
•
سندھ
ہنگورجا فوڈ سینٹر میں رکھی گندم کے خراب ہونے پر نوٹس
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿيڻ واري واقعي جو ٽريڪٽر ڊرائيور گرفتار
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس جون ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون تيز، ڪيترائي گرفتار
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو ۾ بجلي جي ٽرانسفارمرن مان سامان چوري، ڪيترائي ڳوٺ اوندهه ۾ ٻڏي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حملي ۾ جمعدار غلام حسين راڄپر ۽ سعيد سولنگي شهيد
نوشهروفيروز
ڀرياروڊ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس
0 تبصرے