سنڌياڻي تحريڪ طرفان 27هين آئيني ترميم ۽ قلم 144 جي سخت مذمت

سنڌياڻي تحريڪ پاران حيدرآباد مارچ جون تياريون جاري، ملير جي مختلف علائقن جا دورا

سنڌياڻي تحريڪ طرفان 27هين آئيني ترميم ۽ قلم 144 جي سخت مذمت

ملير( رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، پرهه سومرو ۽ شبنم پليجو عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌياڻي تحريڪ جي وفد ڪراچي ملير جي مختلف علائقن جو دورو ڪري عورتن کي 16 نومبر تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو مارچ ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏني آهي هنن سنڌ حڪومت طرفان قلم 144 لاڳو ڪرڻ جي سخت مذمت ڪندي ان کي نامنظور ڪيو ۽ چيو ته سنڌياڻي تحريڪ ان عمل کي بدترين مارشل لا جو قدم ۽ آئين جي خلاف قدم سجهي ٿي هنن چيو ته اظهار جي آزادي ۽ ميڙاڪا ڪرڻ عوام جو حق ۽ آئيني آهي جنهن کي روڪڻ جمهوري حقن تي وار سمجهيو ويندو هنن چيو ته 27هين آئيني ترميم ۽ ان سان لاڳاپيل منصوبا صوبائي وسيلن ۽ ڪارپوريٽ فارمِنگ، ڪئنالن ۽ معدني وسيلن تي قبضا سنڌ جي وجود ۽ عوامي مفادن لاءِ سنگين خطرو آهن. اسان ان ترميم کي سنڌ جي جمهوريت، انصاف ۽ عدالتي آزادي لاءِ تباهي وارو قدم قرار ڏيون ٿا اسان پرامن، جمهوري انداز ۾ احتجاج ۽ مارچ جاري رکون ٿا ۽ ڪنهن به پابندي يا دٻاءَ کي رد ڪندي 16 نومبر تي هزارين سنڌياڻيون حيدرآباد ۾ ريلي م حصو وٺنديون ۽ سنڌ دشمن منصوبن کي ناڪام بڻائينديون سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن عوام کي اپيل ڪئي ته امن ۽ قانون جي پابندي سان مارچ ۾ شرڪت ڪن، پنهنجو آواز گڏ ڪري سنڌ جي وسيلن ۽ وجود جي حفاظت ڪن هنن آخر ۾ واضح ڪيو ته سنڌياڻي تحريڪ پرامن جمهوري جدوجهد وسيلي هر ظلم ۽ آمريت جو مقابلو ڪندي رهي آهي ۽ ڪندي رهندي