سيوهڻ واسي پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو ملير ۾ احتجاج

جان محمد ٻٻر سان سانگهڙ جي عدالت ۾ پرڻو ڪيو آهي: عظيمان سيال

سيوهڻ واسي پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو ملير ۾ احتجاج

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سيوهڻ واسي پريمي نوجوان جوڙو سانگهڙ ڪورٽ ۾ پسند جي شادي کان پوءِ تحفظ لاءِ ڪراچي پهچي ويو، شريعت محمدي تحت نڪاح ڪيو آھي پنهنجي مرضي سان زندگي گذارڻ چاهيون ٿا ڇوڪري جا والدين قتل ۽ انتقامي ڪاروائين جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آھن ڪراچي جي انتظاميا تحفظ فراهم ڪري نوجوان جان محمد ٻٻر جي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس تفصيل موجب : سيوهڻ جي ڳوٺ عرضي جو رهائشي جوڙو جان محمد ٻٻر ۽ عظيمان سيال پسند جي شادي بعد والدين جي ڌمڪين سبب جان بچائي تحفظ لاءِ ڪراچي پهچي ويا آھن جتي انهن عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته اسان 23 سيپٽمبر تي شريعتِ محمدي تحت سيشن ڪورٽ سانگهڙ ۾ پنهنجي مرضي سان نڪاح ڪيو آهي پر ڇوڪري جا والدين جان جا ويري بڻجي ويا آهن جان محمد ٻٻر ۽ سندس زال عظيمان سيال چيو ته حاڪم سيال، هاشم سيال، ظهور، حارث، عزيز ،غلام نبي، ڪريم ۽ رب نواز سيال اسان کي مسلسل قتل ۽ انتقامي ڪاررواين جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن سبب دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون انهن اعليٰ اختيارين آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملیر ۽ ڄامشورو ڊي جي رينجرز سميت ٻين کي اپيل ڪئي آهي ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ اسان جي خلاف ٿيندڙ ڪنهن به غير قانوني ڪاروائي کي روڪيو وڃي اسان ڪو گناه نه ڪيو آهي صرف پنهنجي مرضي سان اسلامي طريقي سان نڪاح ڪيو آهي ۽ چاهيون ٿا ته امن سان زندگي گذاري سگهون.