English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ 27هين ترميم خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ۽ قومي ڌرين پاران احتجاجي ريلي
115 views
|
11th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
27هين آئيني ترميم ۽ صوبي کي يونٽن ۾ ورهائڻ جي منصوبي خلاف الله واري چونڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي
نوشهروفيروز (ڊ.ر) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ۽ قومي ڌرين پاران ملڪ ۾ تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم ۽ سنڌ صوبي کي يونٽن ۾ ورهائڻ جي منصوبي خلاف الله واري چونڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سياسي ۽ قومي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ريلي جي اڳواڻي جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ مجيب ماڇي، ڊويزنل صدر ڄام اسلم ڪوريجو، رضا محمد بهڻ، جسقم (ٻ) جي امتياز کوسو، اياز راڄپر، عرفان ڏاهري، سرمد آزاد، شيراز حسين، مهر علي وسطڙو، خادم سيال ۽ ٻين ڪئي. ريلي شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪمران ملڪ ۽ قومن خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، ۽ 27هين ترميم ذريعي سنڌ کي يونٽن ۾ ورهائڻ جي ڪوشش مڪمل طور تي ناقابلِ قبول آهي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ جي وحدت ۽ وسيلا ڪنهن صورت ٽوڙڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته حڪمران زرداري مافيا جي چوڻ تي اهڙا فيصلا ڪري رهيا آهن، جيڪي سنڌ جي عوام لاءِ خطرناڪ آهن. پنھل ساريو چيو ته حڪمران پنھنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ آئين سان کيڏائي رهيا آهن، جيڪي ڪالهه سينيٽ ۾ دفن ڪيا ويا، سي هاڻي قومي اسيمبلي ۾ دفن ٿيڻ وارا آهن.اسلم ڪوريجو، مجيب ماڇي، عرفان ڏاهري، رضا بهڻ ۽ ٻين چيو ته 17 سال وسيلن جي لوٽ مار کان پوءِ به حڪمرانن جا پيٽ ناهن ڀريا، هاڻي وري سنڌ جي ورهاست جو خواب ڏسي رهيا آهن، جيڪو ڪڏهن به پورو نه ٿيندو. اڳواڻن واضح ڪيو ته جيڪڏهن 27هين ترميم واپس نه ورتي وئي ته سنڌ جا ماڻهو رستن تي نڪرندا، روڊن، ريلوي ٽريڪن ۽ پنجاب ڏانهن ويندڙ اهم رستن کي بند ڪري احتجاج جو دائرو وڌائيندا.هنن چيو ته سنڌي قوم پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي، ۽ ڪوبه سنڌ دشمن فيصلو قبول نه ڪيو ويندو. ريلي پريس ڪلب اڳيان اختتام پذير ٿي، جتي قومي نعرا هڻيا ويا ۽ سنڌ جي وحدت لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو عهد ورجايو ويو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
کراچی: جماعتِ اسلامی کے امیر حافظ نعیم الرحمن کی مبینہ آڈیو لیک
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
کراچی: جماعتِ اسلامی کے امیر حافظ نعیم الرحمن کی مبینہ آڈیو لیک
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ويجهو ڳوٺ غلام محمد مڱڻيجو ۾ نوجوان پاران مبينا آپگهات
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ۽ قومي ڌرين پاران ملڪ
0 تبصرے