English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميرپورخاص ڊويزن جي پارڪر ميگھواڙ سوشل ويلفيئر ايسوسيئشن جي اليڪشن
36 views
|
11th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
اجلاسن ۾ سيٺ وينجھراج اينپه 1579 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، خوشي ۾ تقريب
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ميرپورخاص ڊويزن جي پارڪر ميگھواڙ سوشل ويلفيئر ايسوسيئشن جي ٿيل چونڊن ۾ سيٺ وينجھراج اينپه 1579 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، ڪاميابي جي خوشي ۾ تقريب، 5 ئي پينل جي صدرن ۽ عھديدارن، اليڪشن ڪميشن چيئرمين ۽ اليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن سميت برادري جي معزز ماڻھن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، برادري جي مسئلن کي گڏجي جھدوجھد ڪري حل ڪرڻ جو وچن ورجھايو ويو خبر موجب پارڪر ميگھواڙ سوشل ويلفيئر ڊويزن ميرپورخاص جي ٿيل اليڪشن ۾ 3 ضلعن عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ايٽ مٺي ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ چونڊون ٿي گذريون چونڊن ۾ بيٺل صدارتي پينل جي اميدوارن سارنگ داس ٻوچيه، سيٺ وينجھراج اينپه، ڀڳت ڏونگرو مل پڙھيار، لڇمڻ داس کوکر ۽ مکي شنڪر لال حصو ورتو ٿيل چونڊن ۾ سيٺ وينجھراج اينپه ٽوٽل 1 ھزار 5 سئو 79 ووٽ کڻي صدر چونڊجي ويو جڏھن ته سارنگ داس ٻوچيه 896 ووٽ کڻي ٻي پوزيشن ماڻي ورتي ٽيون نمبر تي لڇمڻ داس کوکر 637 ووٽ حاصل ڪيا ۽ ڀڳت ڏونگرو مل 472 ووٽ کڻي چوٿين ۽ مکي شنڪر لال 54 ووٽ کنيا سيٺ وينجھراج اينپه طرفان برادري جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻن تي مقامي ھال ۾ تقريب ڪوٺائي ويئي جنھن ۾ پارڪر ميگھواڙ ويلفيئر ايسوسيئشن جي سرپرست اعلي ڀمرو مل درڙا، 5 صدارتي اميدوارن جي عھديدارن سميت اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين گلاب راء جئپال اليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن ۽ برادري جي معزز ماڻھن شرڪت ڪئي برادري جي مسئلن کي حل ڪرڻ، سڄاڳي پيدا ڪرڻ، تعليم کي وڌ کان وڌ ڪرڻ سميت جيڪي به برادري جي ماڻھن جا بنيادي حق آھن اُھي ڏيارڻ لاء گڏجي جھدوجھد ڪرڻ جو وچن ورجھايو ويو. رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي صدر سيٺ وينجھراج، سارنگ داس ٻوچيه، گلاب راء جئپال ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته تاريخ ۾ پھريون ڀيرو پارڪري برادري جي اليڪشن ٿي آھي جيڪا مڪمل صاف شفاف، پرامن طريقي سان ٿي آھي، اليڪشن ۾ ڪُل 5 پينل مقابلي ۾ ھئا هنن چيو ته هن اليڪشن ۾ چونڊجي آيل پينل ٻين پينلن سان گڏجي برادري جي ڪمن ڪارن ۽ ڀلائي لاءَ ڪم ڪنديون، پارڪري برادري جي مسئلن جنھن ۾ خاص طور تي تعليم، صحت، سهڪار تي ڪم ڪري برادري کي ريليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين، چونڊن دوران 36 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون ھيون جنھن ۾ ڪُل 4210 مان 3638 ووٽرن پنھنجي ووٽ جو حق استمعال ڪيو جڏھن ته 170 کان وڌيڪ پولنگ عملي پنھنجيون ڊيوٽيون سرانجام ڏنيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
لڪي مروت آپگهاتي حملو دهشتگردي جي اندھيري موج ۽ عوامي تحفظ..؟؟
01st Dec 2025
•
سندھ
نوشہرو فیروز کی ہندو برادری نے بھارتی وزیر راج ناتھ کے بیان کو رد کردیا شاہی بازار سے پریس کلب تک ریلی
01st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
یکم دسمبر ایڈز کا عالمی دن
01st Dec 2025
•
تازہ ترین
بدمعاشی کی صورت میں گورنر راج ممکن ہے - فیصل واوڈا کا سہیل آفریدی کو جواب
01st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
لڪي مروت آپگهاتي حملو دهشتگردي جي اندھيري موج ۽ عوامي تحفظ..؟؟
01st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز جي هندو برادري جو ڀارتي وزير راج ناٿ جي بيان خلاف احتجاج
01st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ ڀٽائي ڪالوني واسي عورت جو وارثن سميت مڙس خلاف احتجاج
01st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ منشيات فروشن ۽ ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندو: اي ايس پي راءِ محمد آصف کرل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
ميرپورخاص ڊويزن جي پارڪر ميگھواڙ سوشل ويلفيئر
0 تبصرے