اسٽيل ملز ملازمن جو 100 ڏينهن کان احتجاج جاري، گيسٽ هائوس ۾ موجود سي اي او جو گهيرو

ڌڻي بخش سمون، يوسي اسٽيل ٽائون جو چيئرمين رضا جتوئي، گلشن جي چيئرمين صفدر، پ پ اڳواڻ طارق پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ گيسٽ هائوس ٻاهران ڌرڻو

اسٽيل ملز ملازمن جو 100 ڏينهن کان احتجاج جاري،  گيسٽ هائوس ۾ موجود سي اي او جو گهيرو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازمن طرفان پنهنجن بنيادي مسئلن جي حل لاءِ سي اي او جي گهر آڏو لڳايل ڌرڻو سو ڏينهن مڪمل ٿيڻ باوجود به ختم نه ٿي سگهيو ملازمن جو چوڻ آهي ته پگهارون، ، پنشن، ۽ رهائشي ڪالوني جو پاڻي بجلي جي بحالي سميت ڪيترن ئي جائز مطالبن تي انتظاميا طرفان ڪو به عمل نه ڪيو ويو آهي گذريل ڏينهن جڏهن احتجاج ڪندڙ پورهيتن کي خبر پئي ته اسٽيل ملز جو سي اي او گيسٽ هائوس پهتو آهي، تڏهن پيپلز ليبر بيورو جي اڳواڻ ڌڻي بخش سمون، يوسي اسٽيل ٽائون جو چيئرمين رضا جتوئي، گلشن جي چيئرمين صفدر، پيپلزپارٽي جو ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري طارق پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ سوين پورهيت گيسٽ هائوس پهتا ۽ دروازا بند ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا۔ احتجاجي پورهيتن جي اچڻ سان انتظاميا ۾ هنگامي صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته سي اي او گيسٽ هائوس اندر ئي محدود ٿي ويو اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا وڏي تعداد ۾ موقع تي پهچي ويا ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ملير به صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ گيسٽ هائوس پهتو۔ احتجاج ڪندڙن انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ورجايو ته جيستائين پورهيتن جا مسئلا حل ناهن ٿيندا، ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو ان سلسلي ۾ عوامي پريس ڪلب ملير جي ٽيم به ڌرڻي واري هنڌ پهتي ۽ احتجاج ڪندڙ اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي۔ اڳواڻن جو چوڻ هو ته سي اي او مسلسل ملازمن سان ملاقات کان پاسو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پورهيت سخت معاشي تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن ڌڻي بخش سمون چيو ته اسان ڪنهن جي ذات خلاف نه پر پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، حڪومتي ۽ اداري جي ذميوارن کي گهرجي ته هو فوري طور تي عملي قدم کڻن۔ملازمن جو احتجاج رات دير تائين جاري رهيو ۽ سيڪيورٽي ادارا علائقي ۾ مستعد رهيا ته جيئن ڪا به ناخوشگوار صورتحال پيدا نه ٿئي