شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالي سان لڳايل آر او پلانٽس تي 2012 کان ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون: اڳواڻ
نوشهروفيروز (ڊ ر) پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ ڊيلي ويجز تي ڊيوٽي ڪندڙ آرو پلانٽ جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي صوبائي صدر قاري خير محمد راڄپر، ضلع صدر منصور سمون، طارق آرائين، نديم عالماڻي ، اشرف علي چنا ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن حقن جي حاصلات لاءِ نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي ميڊيا اڳيان دانهيندي اڳواڻن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالي سان لڳايل آرو پلانٽن تي 2012 کان ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون پر اسان کي هن مهل تائين ريگيولر ناهي ڪيو ويو ۽ پگهار پنجويهه هزار ڏني پئي وڃي جيڪا وڏي زيادتي آهي هنن چيو ته سرڪار پاران گهٽ ۾ گهٽ اجرت 40 هزار مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي پر اسانکي ساڳي 25 هزار روپيا ڏني پئي وڃي سا به سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود نه ٿي ملي هنن مطالبو ڪيو ته کاتي ۾ پڪو ڪري، پگهار 40 هزار روپين جي حساب سان ڏني وڃي ۽ اسان جي ملازمن جي بجيٽ سيپريٽ ڪئي وڃي ته جيئن وقت سر پگهار ملي سگهي
0 تبصرے