اڳوڻو ايم پي اي حاجي علي مراد راڄڙ 70 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ وفات ڪري ويا
عمرڪوٽ (ڊ ر) سروري جماعت جي معزز شخصيت ۽ اڳوڻو ميمبر صوبائي اسيمبلي (ايم پي اي) حاجي علي مراد راڄڙ 70 سالن جي عمر ۾ ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ وفات ڪري ويا، حاجي علي مراد راڄڙ ٽي ڀيرا عام چونڊن ۾ حصو ورتو، 2002ع جي عام چونڊن ۾ هنن پي پي ٽڪيٽ تي پٿورو واري صوبائي سيٽ لاءِ اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ سيد مظفر حسين شاهه جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهائي، پر شڪست کائي ويٺا، 2008ع جي چونڊن ۾ هنن سيد مظفر حسين شاهه کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ايم پي اي منتخب ٿيا پر گذريل چونڊن ۾ پي پي ٽڪيٽ نه ملڻ سبب هنن سيد سردار علي شاهه جي سامهون مقابلو ڪيو ۽ ٻيهر هارجي ويا، مرحوم جو جسد خاڪ ڪراچي کان سندن آبائي ڳوٺ حاجي فتح محمد راڄڙ، عمرڪوٽ آندو پيو وڃي، حاجي علي مراد راڄڙ جي پوئتي هڪ بيوہ، ٽي پٽ، ۽ چار ڌيئرون سوڳوار رهن ٿيون، مرحوم پنهنجي شرافت ۽ ديانتداري سبب ناري پٽ جي علائقي ۾ سياسي ساک رکندا هئا، ضلعي عمرڪوٽ ۾ حاجي علي مراد راڄڙ جي وفات تي سوڳ جو ماحول ڇانيل آهي ۽ سندن جنازي نماز آبائي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي
0 تبصرے