سنڌ جا ماڻهو ۽ وڪيل برادري پنهنجي ڌرتي جي حقن ۽ صوبائي خودمختياري جي تحفظ لاءِ ڪنهن به قسم جي آئيني يا سياسي قدغن کي قبول نه ڪندا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) نامياري قانوندان ايڊووڪيٽ محمد اشرف سمون چيو آهي ته مجوزه 27هين آئيني ترميم، 1973ع جي متفقه آئين کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ملڪ جي وفاقي ۽ جمهوري ڍانچي کي نقصان پهچائڻ جي سازش آهي۔ هو گذريل ڏينهن ملير بار ۾ صحافين سان ڳالهائي رهيا هئا هن چيو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڏنل آئين پاڪستان جي جمهوري روح، عدالتي آزادي ۽ صوبائي خودمختياري جي ضمانت آهي، پر 27هين ترميم ذريعي انهن بنيادي اصولن کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا نه رڳو پارلياماني نظام پر عوامي نمائندگي جي تصور کي به نقصان پهچائيندي ايڊووڪيٽ محمد اشرف سمون چيو ته سنڌ جا ماڻهو ۽ وڪيل برادري پنهنجي ڌرتي جي حقن ۽ صوبائي خودمختياري جي تحفظ لاءِ ڪنهن به قسم جي آئيني يا سياسي قدغن کي قبول نه ڪندا هن وڌيڪ چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته باشعور نسل خاموشي ٽوڙي، ڇوتہ جيڪڏهن اڄ آواز نه اٿاريو ويو ته ايندڙ نسلون غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙجي وينديون ايڊووڪيٽ اشرف سمون خبردار ڪيو ته جيڪڏهن صوبائي ۽ وفاقي سطح تي جمهوري قوتن هن ترميم خلاف مؤثر آواز نه اٿاريو ته تاريخ خاموش رهندڙن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي هن زور ڏئي چيو ته 27هين آئيني ترميم نه رڳو صوبن جي اختيارن تي حملو آهي پر اهاجمهوريت، عدالتي آزادي ۽ وفاقي توازن لاءِ به سنگين خطرو بڻجي سگهي ٿي ايڊووڪيٽ اشرف سمون وڪيلن، سياسي پارٽين، سول سوسائٽي ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته اهي آئين ۽ جمهوريت جي تحفظ لاءِ متحد ٿي هن ترميم خلاف جدوجهد ڪن۔
0 تبصرے