عمرڪوٽ ۾ ڳوٺ ويهرو شريف واسين جو پلاٽ تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

عمرڪوٽ ۾ ڳوٺ ويهرو شريف واسين جو پلاٽ تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ ويھرو شريف ۾ گذريل سال کان ڪولهي برادري ۽ ڪنڀر برادري ۾ شروع ٿيل پلاٽ جي مالڪي وارو تقرار ختم نه ٿيو ڪالھ ڪولهي برادري جي ماڻهن پاران عمرڪوٽ پريس ڪلب پهچي احتجاج سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري مسئلي کي پرامن قانوني حل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو پريس ڪانفرنس دوران ڪولھي برادري جي اڳواڻن ميونسپل ڪميٽي جي ميمبر چيتن ڪمار گوئيل، ايڊووڪيٽ اوم پرڪاش ڪولھي، ڀڳت ڀومارام ڪولھي، ھوت چند ڪولهي، شوڏان ڪولھي، ڪرشن ڪولھي ۽ ٻين چيو ته اسان ڄاڻايل زمين ٻارنهن سال اڳ زميندار عبدالرزاق ٻٻر کان پيسن عيوض خريد ڪئي هئي ليڪن پنج مهينا اڳ ڪنڀار برادري جي ماڻھن ھٿيارن جي زور تي ھلان ڪري پلاٽ ۾ موجود اسان جي ڪکاون جهوپڙن کي باھ ڏيئي ساڙي اندر ويٺل عورتن ۽ ٻارن تي بي رحماڻو تشدد ڪري قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران ڪنڀار برادري جي جوابدارن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ اسان جو ھڪ ڄڻو ڏيون ڪولھي گوليون لڳڻ سبب مرڻينگ پڻ ٿيو ھو، جيڪو اڃان تائين اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، ھنن چيو ته اسان ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ توڙي ٻين عملدارن کي عرض ٿا ڪيو ته اسان امن پسند ماڻھو آھيون، سرڪاري طور پلاٽ جي ماپ ڪري حقيقت معلوم ڪرڻ بعد اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ھنن چيو ته ڪنڀار برادري جا جوابدار پلاٽ جي ماپ ڪرائڻ کان به لنوائي رهيا آهن ۽ اسان کي خدشو آهي ته اڳتي ھلي ٻيهر جھيڙو ڪندا ۽ وڏو جاني نقصان ٿي سگھي ٿو، ان ڪري اسان اعلي اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور مسئلو حل ڪري نه صرف انصاف ڪيو وڃي بلڪہ علائقي جي امن امان کي به بچايو وڃي.