English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسان کي درياھ سان گڏ ڌرتي بہ بچائڻي آهي، سنڌي پرامن آهن، تنگ نہ ڪيو، مڙي وڃو: اياز لطيف پليجو
159 views
|
12th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ايازلطيف پليجو سان ڪشمور جي سياسي سماجي اڳواڻن جي ملاقات، پارٽي ۾ شموليت جو اعلان
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ايازلطيف پليجو سان ڪشمور جي سياسي سماجي اڳواڻن تاج محمد بجاراٹی، یار محمد بجاراٹی، زین العابدین بجاراٹی ملاقات ڪري قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تہ اسان کي درياھ سان گڏ ڌرتي بہ بچائڻي آهي ھر پنجن منٽن کان پوءِ سنڌين کي چئو ٿا ڪالا باغ ڊيم ڀاشا ڊيم، ڊيا مير ڊيم ٺاھيون ٿا، سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي نئون صوبو ٿا ٺاھيون. سنڌي پرامن آهن، تنگ نہ ڪيو، سنڌي چون ٿا تہ اسان جي پاڻي، زمين ۽ وسيلن ۾ هٿ نہ وجھو.ڪئنالن، ڊيم، ميرٽ جي لتاڙ، ڪارپوريٽ فارمنگ، بدامني، لاقانونيت ۽ ڪرپشن خلاف ڊگهي، منظم ۽ ثابت قدم جدوجھد لاءِ سنڌي ماڻهن کي تيار رهڻ گهرجي.اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ٻوڏ دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ کاڌي پيتي شيون مهانگيون ڪندڙ مافيا خلاف ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو وڃي. اٽي سميت کاڌي پيتي جون شيون سبسڊي ڏئي سستيون ڪيون وڃن. سنڌ جو سمورن ضلعن ۾ ھارين ۽ مزدورن لاءِ رھائشي اسڪيمون شروع ڪري کين مفت پلاٽ ڏنا وڃن. ملير، لياري، سنڌو درياھ سميت پاڻي جي قدرتي گذر گاھن تي ٿيل قبضا، غير قانوني ۽ ناجائز رھائشي اسڪيمون ختم ڪيون وڃن. درياھ ۽ ندين ۾ رھائشي اسڪيمن جي منظوري ڏيندڙ عملدارن کي گرفتار ڪري نوڪرين تان برطرف ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت پنھنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ سوشل ميڊيا ذريعي ڪوڙي مشھوري جي مھم ھلائي رھي آھي. سنڌ حڪومت جا وزير ۽ بلدياتي نمائندا ڪارڪردگي ڏيکارڻ بدران ٽڪ ٽاڪر بنجي ويا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت جي نااھلي ۽ ناڪامي سبب برساتن جي ڪري عوام جو تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي. ماڻھو سخت تڪليف ۾ آيا آھن. سوين علائقا برسات جي پاڻي ۾ ٻڏا پيا آھن. ضلعي حڪومتون ۽ سنڌ حڪومت پاڻي نيڪال جي نالي ۾ ڪوڙا بل ٺاھي ڪروڙين روپيا ھڙپ ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ غريب عوام اڳ ۾ ئي مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي، برساتن ۽ درياھن ۾ چاڙھ کانپوءِ ذخيره انداز مافيا اٽو ۽ کاڌي پيتي جون ٻيون شيون مھانگيون ڪري ڇڏيون آھن. شھرن ۽ ڳوٺن منشيات فروشن جو اڏو بنايو ويو آھي. بدامني تي ڪو به ڪنٽرول ناھي. ڏينھن ڏٺي ڦرون ۽ ڌاڙا لڳي رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ برسات سبب جن آبادگارن کي نقصان ٿيو آھي. فصل ٻڏي ويا آھن، انھن کي معاوضو ڏنو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايازلطيف پليجو
حيدرآباد
0 تبصرے