تقريب ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جليل احمد ٿيٻو، آفتاب احمد کھاوڙ ۽ هينڊز جي مس نائلا شريڪ
لاڙڪاڻو (بيورو)لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڦلپوٽا ۾ ڊفينس ڊي ۽ اسڪول يونيفارمن جي ورهاست جي حوالي سان هڪ تقريب منعقد ڪئي ويئي۔ تقريب ۾ معزز مهمان طور اسسٽنٽ پروفيسر ج جليل احمد ٿيٻو، ضلعي ڪمپلائنس مينيجر جناب آفتاب احمد کھاوڙ ۽ هينڊز جي ليڊي هيلٿ وزيٽر مس نائلا شرڪت ڪئي۔هن تقريب جي انتظامن جو ذمو اسڪول ڪوآرڊينيٽر جناب آصف علي سنڀاليو۔ تقريب دوران جليل احمد ٿيٻو شاگردن کي 1965ع جي جنگ جي اهميت ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ ڏنل قربانين بابت خطاب ڪيو۔ شاگردن ۾ اسڪول يونيفارم ورهايا ويا، جڏهن ته آفتاب احمد کھاوڙ شاگردن کي ٽيبلوز ۽ تقريرن ۾ بهترين ڪارڪردگي تي انعام ڏنا۔
0 تبصرے