English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ فطري ضرورت آھي: اياز لطيف پليجو
196 views
|
02nd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي نہ ڇڏڻ ۽ سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري تمر جا ٻيلا ختم ٿي رھيا آھن
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ فطري ضرورت آھي. ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي نہ ڇڏڻ ۽ سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري تمر جا ٻيلا ختم ٿي رھيا آھن. ڊيلٽا تباھ ٿي رھيو آھي. ساحلي پٽي جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي. درياھ سمنڊ کي پوئتي ڌڪي ٿو. وفاق ۽ پنجاب پنھنجي ناڪامي، نااھلي ۽ ڪرپشن لاءِ سنڌ دشمن ملڪ دشمن منصوبي ڪالاباغ ڊيم ۽ ڪئنالن جي مھم ھلائي رھيا آھن. علي امين گنڊا پور ۽ گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري سنڌو درياھ تي حملي آور نہ ٿين. ملڪ جون 3 اسيمبليون ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري چڪيون آھن. پنجاب ۾ موجود آيل ٻوڏ حڪمرانن جي نااهلي ۽ ناڪامي جو نتيجو آھي. ڪالاباغ جو علائقو راوي کان سوين ڪلوميٽر پري آھي. راوي، ستلج ۽ چناب ميداني علائقن جا درياھ آھن، اتي ڪڏھن بہ ڊيم ممڪن ناھي. ڊيم ڪڏھن بہ سيلاب کي روڪي نٿا سگھن، ڊيم وڏن سيلابن جو سبب آھن. ھندستان جڏھن پاڻي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي تڏھن ڊيمن جا دروازا کولي ڇڏيا، جنھن ڪري پنجاب ۾ ٻوڏ آئي. جيڪڏھن فرض بہ ڪجي تہ ڪالاباغ ڊيم ٺھيل ھجي ھا تہ ان صورت ۾ بہ لاھور ۽ پنجاب جي ٻوڏن وارن علائقن جو پاڻي ڪالاباغ ڊيم ۾ گڏ ڪرڻ ممڪن نہ ٿئي ھا. وفاق ۽ پنجاب ملڪ جي عوام کي گمراھ ڪرڻ لاء ڊيمن جي مھم من گهڙت مھم شروع ڪئي آھي. سنڌو درياھ دشمن مھم کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ جي اندر لڳل زمينداري کي فوري طور ھٽائي درياءَ وھڪرن جي رستا روڪ ڪري درياھن کي قيد نہ ڪيو وڃي. عالمي قانونن جي پاسداري ڪري پاڻي جو سمنڊ تائين ڇوڙ ممڪن بنايو وڃي. ارسا وٽ ڪوڙو رڪارڊ آھي. ٻوڏ وارن ڏينھن کانسواءِ سڄو سال ڪوٽڙي کان ھيٺ سنڌو درياھ ۾ واري پئي اڏامندي آھي. ان باوجود ارسا، واپڊا ۽ وفاقي حڪمران ڪوڙا انگ اکر جاري ڪري سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ جون دعوائون ڪندا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ زراعت ملڪ معيشت آھي پر حڪمرانن ھٿ وٺي ملڪ جي معيشت کي تباھ ڪيو آھي. ٻيلا تباھ ڪيو آھن. جنھنڪري ھڪ طرف ماحول جي تباھي ٿي آھي ٻئي طرف ھاري ۽ آبادگارن جو معاشي قتل ٿي رھيو آھي.حڪمرانن وٽ زرعي سڌارن جي ايجنڊا ناھي. زراعت جي بھتري ۽ بحالي جو پروگرام ناھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
سمنڊ ۾ پاڻي
0 تبصرے