عظيم صوفي شاهه عنايت شهيد رح

تحرير : عبدالفتاح عباسي

عظيم صوفي شاهه عنايت شهيد  رح

سنڌ جي ڌرتيءَ تي هر دور ۾ ڪيئي انمول هيرا جنم وٺي چڪا آهن، جن پنهنجي ڌرتيءَ جي سونهن، خوبصورتي لاءِ انسان ذات کي پرين جي پچار ڏانهن متوجهه ڪرايو آهي ، انهن صوفين، درويش ، اولياءَ الله ڪاملين بزرگ هستين مان هڪ ولي ڪامل حضرت صوفي شاهه عنايت الله شهيد رحمت الله عليه جي شاندار شخصیت به هڪ آهي، انهيءَ ولي ڪامل اڪمل بزرگ هستيءَ جو ماڳ مسڪن جھوڪ شريف سدا شاد آباد ۽ وسندو رهي ٿو، جھوڪ شريف تي هر مڪتب فڪر، هر مذهب، مسلڪ، دين ڌرم جا هندو مسلم ماڻهو وڏي عقيدت سان پهچي پنهنجون آسون اميدون ساڻ کڻي وڃن ٿا، هتي هندو مسلم جو ڪو به فرق ناهي، سڀئي هڪ صحن جاء تي ويهي راز ، نياز ۽ رمز الاهي ۾ مستغرق ۽ فنائي رنگ ۾ مستغرق ٿيندي محسوس ٿين ٿا. اتي راڳ ويراڳ ۽ خودي ۾ مست سوز و ساز ۾ روحاني رمز ۾ آلاپيل آواز دنيا جي خوبصورتي، سونهن جي شاهڪار کان متعارف ٿين ٿا، وحدت ۽ ڪثرت واري مفهوم کي سمجهندي خودي ۾ مستغرق ۽ آلاپي آواز ۾ پاڻ کي تڪبر، غرور ،ساڙ، حسد ، ڪاوڙ، غصي ، خواهشن جي ڌمچڪر کان پري رکندي بس هڪ مالڪ جي تنوار الله هو جي ضرب ۾ فنائيت ۾ محو ٿي وڃڻ سان گڏوگڏ ئي رب العالمين عزوجل جي رضامندي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين جي عيبن ڳولڻ بجاءِ پنهنجي اندر جي خواهشن جي، تڪبر ،وڏائي ،غرور ، مال ميڙڻ واري ڳالهه کي هميشه لاءِ ختم ڪري صرف ۽ صرف للهيت ۽ وحدانيت جي هيڪڙائي واري اسباق کي ياد ڪندي جھوڪ شريف ۾ خودي کي ختم ڪندي رضاء الاهي ۾ ڏٺاسين ته سادا صاف سخي مرد قلندر جي زيارت بعد ويتر الاهي رمز ۽ راز ۾ محو ٿي وڃن ٿا، ڇا ته پنهنجي سنڌ جي جھوڪ شريف جا سهڻا خوبصورت ۽ وڻندڙ نظارا منظر ۽ ڏيک آهن، ڪامل ولي بزرگ هستي حضرت صوفي سيد عطاء ﷲ ستاري قادري دامت برڪاتهم العاليه پنهنجي روحاني قافلي جا عظيم سالار آهن ۽ هو پنهنجي حلقه احباب کي صرف ۽ صرف هڪ مالڪ الله پاڪ جي ويجهو آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن پوءِ انهيءَ ۾ سنڌي هجي يا پنجابي، بلوچ هجي يا پٺاڻ، اردو ڳالهائيندڙ هجي يا انگريزي، وري مذهب ۾ مسلم هجي يا هندو، سک هجي يا عيسائي ڪهڙي به مذهب دين ڌرم سان واسطو آهي جھوڪ شريف ۾ اچڻ واري سدائين ڀليڪار آهي پوءِ نه رڳو سنڌ جا هزارين سنڌي پر هندستان جا هندو توڙي ٻين مذهبن جا ماڻهو به وڏي تعداد ۾ جھوڪ شريف جي نگري ۾ پهچي روحاني فيض حاصل ڪن ٿا، هتي مرد ته مرد پر سنڌ هند جون عورتون امڙيون، ڀينرون ،نياڻيون پنهنجي معصوم ٻارڙن پيرسن والدين سان گڏ اچي شرڪت ڪن ٿيون، ياد رهي ته عورتن جي خاص پردي جي اهتمام سان انتظام رکيل هجن ٿا، جتي عرس جي موقعي تي ويهن ٿيون ۽ دنيا جي بي لغام معاشري جي اڻ ڳڻيل پرابلمز کان ڪجهه پل گهڙيون روحاني سڪون قلب ذڪر الله جي محفل ۾ محسوس ڪيو وڃي ٿو، هن سال به جھوڪ شريف جي نگري ۾ 317 سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي سنڌ هند جي ناليواري مشهور درگاهه حضرت صوفي شاهه عنايت شهيد رحمت الله عليه جي مزار وٽ سنڌ ۽ ٻين صوبن ۽ ملڪن جا عشاق پري پري کان ڪهي پهتا، جتي هميشه جيان هن سال به لاڙڪاڻي شهر جي رهائشي ناليواري انسان دوست همدرد سماجي اڳواڻ صوفي حاجي علي محمد ٻرڙو جي ٻاري تي ميلو متل رهيو ۽ اتي ۽ ٻين ٻارين توڙي راڳ ويراڳ تي صوفي سائين غلام حسين سائين ستاري ،صوفي زبير الدين ستاري، صوفي محبوب علي ستاري، صوفي عمران علي ستاري، صوفي ڏاڏا وارث علي ستاري، صوفي اشتياق علي ستاري ۽ فيملي جي ٻين ميمبرن ٽي روزه سمان جي محفلن سميت ٻين معاملن ۾ کاڌي پيتي، رهائش سان گڏ ئي سيڪيورٽي جا انتظام سنڀاليندا رهيا، جڏهن ته صوفي سائين حاجي علي محمد ٻرڙو، صوفي عبدالله مسڻ ٺٽو، صوفي محسن علي زنگيجو، شبير احمد جتوئي، ڊاڪٽر پرديپ ڪمار ، ڊاڪٽر مجيب الرحمان عارباڻي ، مظهر حسين سومرو باڊهه لاڙڪاڻو، هادي بخش ڦل، عبدالله سومرو، فقير پيرل سانگهرو ، حاجي بشير احمد جتوئي ۽ ٻيا پنهنجي محسن رهنماء مرشد جي نگري ۾ پيرين اگهاڙا ڏٺاسين جن جي مٿي تي ٽوپي هئي ۽ نه صرف انهن کي بلڪ هرهڪ جو مٿو ڍڪيل ۽ هرهڪ پيرين اگهاڙو يگانو عشق جي تنوار ذوق جنون ۾ راهي ڏٺوسين ،جھوڪ شريف جي امن سلامتي واري نگري ۾ صوفي فيضل فقير جا فقراء، عظيم بزرگ صوفي روحل فقير جي گادي جا عقيدت مند، صوفي زبير الدين عمر ڪوٽ ، درگاهه فتح پور جا گادي نشين سيد صوفي سرفراز علي شاهه ۽ ٻين درگاهن خانقاهن جا گادي نشين سيد عطاء ﷲ شاهه ستاري جي ديدار فيض و برڪات سان فيضياب ٿيندا رهيا، عرس مبارڪ جي موقعي تي سنڌ جي ناليوارن مشهور صوفي راڳين ۾ شفيع فقير، سهڻو فقير، فقير امام الدين جو سنگ،فقير امداد علي لغاري جو سنگ، معشوق فقير ۽ ٻين درگاهن جي صوفي شاعرن جا صوفي راڳين ڪلام پيش ڪري اصل ٻارين ۾ عشاقن کي مست وار بڻائي ڇڏيو ۽ اهڙي طرح هي ٽي ڏينهن ڪچهري لڳندي رهي، هن عرس مبارڪ ۾ سنڌ، آمريڪا، فلپائن، هندستان ۽ ٻين ملڪن جي عقيدتمندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته 372 کان وڌيڪ ٻارين ويهڻ جي جاين تي رهاڻ ڪچهري ڀريو سمان رهيو ۽ هزارين پري پري کان آيل ماڻهن کي رهائش قيام ۽ تي ويلا طعام کاڌي پيتي جون مفت سهولتون درگاهه جھوڪ شريف طرفان مهيا ڪيون ويون. عرس مبارڪ جي حوالي سان سيڪيورٽي جا سخت ترين انتظام ڪيا ويا هئا جنهن ۾ پوليس اهلڪارن سان گڏ صوفي فقراء به خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا ۽ پارڪنگ جي لاءِ بهترين پارڪنگ انتظام ڪيا ويا هئا، عرس مبارڪ جي موقعي تي حق موجود سدا موجود جون صدائون بلند رهيون ، جڏهن ته حضرت صوفي شاهه عنايت شهيد رحمت الله عليه جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي سجاول ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو، خصوصي طور تي عرس مبارڪ جي موقعي تي پري پري کان آيل زائرين پانڌيئڙن جي سهولت لاءِ مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي هئي جتي ڊاڪٽر مجيب احمد عارباڻي ۽ ٻيا ماهر پروفيسر ڊاڪٽر صاحبان خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا.