ڪراچي، جنهن کي پاڪستان جو دل ۽ معيشت جي شاهرگ چيو وڃي ٿو، هر سال ٿورن ئي ڦڙن جي برسات کان پوءِ ٻڏي وڃي ٿو۔ اهو ئي شهر، جتان لکين ماڻهو روزگار حاصل ڪن ٿا ۽ جتي صنعتون ملڪ لاءِ سڀ کان وڌيڪ ريونيو پيدا ڪن ٿيون، افسوس سان چوڻ گهرجي ته ڪجهه ڪلاڪن جي مينهن بعد ئي تباهيءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو۔
هن سال جي برساتن ٻيهر اهو ثابت ڪيو ته اربين رپين جي بجيٽن، منصوبن ۽ واعدن باوجود شهر جي حالت جُڙي نه سگهي۔ نالا اُٻاري پيا، گليون ۽ روڊ پاڻيءَ سان ڀرجي ويا، گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو ۽ شهرين جي زندگي اجيرن بڻجي وئي۔ سوال اهو آهي ته جڏهن هر سال نيڪاسي ۽ ترقيءَ تي اربين رپيا خرچ ڪرڻ جا دعوائون ڪيا وڃن ٿا ته پوءِ نتيجا ڇو ساڳيا آهن؟
آباديءَ ۾ واڌ، پر منصوبا ناڪام
1947ع ۾ ڪراچيءَ جي آبادي صرف 4 لک هئي، اڄ اهو شهر ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جو بار کڻي رهيو آهي۔ پر اهڙي تيز واڌ جي باوجود شهري منصوبابنديءَ تي ڪڏهن به ڌيان نه ڏنو ويو۔ بلدياتي ادارا ڪمزور ڪيا ويا، سياسي ڇڪتاڻ ترقيءَ کي کائي وئي ۽ نتيجو اهو نڪتو ته ڪراچي بنيادي سهولتن کان به محروم ٿي ويو۔
40 کان وڌيڪ وڏا ۽ ڪيترائي ننڍا برساتي نالا شهر ۾ موجود آهن، پر اڪثر نالن تي قبضا ۽ غيرقانوني تعميرون ٿي ويون آهن۔ نتيجي ۾ پاڻي سمنڊ بدران ماڻهن جي گهرن ۽ روڊن ۾ داخل ٿي وڃي ٿو۔
اربين جا بجيٽ، نتيجو صفر
گذريل پنجن سالن ۾ سنڌ حڪومت 300 ارب رپيا ڪراچي جي نيڪاسي ۽ ترقيءَ جي نالي تي رکي چڪي آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت به کربين رپين جا اعلان ڪيا آهن۔ پر حقيقت اها آهي ته سيوريج لائينون ٽٽل آهن، نالا سالن کان صاف ناهن ٿيا ۽ منصوبا رڳو ڪاغذن ۾ رهجي ويا آهن۔
برسات بعد جا عذاب
بجلي بند، ڪيترن ڏينهن تائين بحالي نه ٿي۔
روڊن تي پاڻي، ٽريفڪ ڪلاڪن تائين جام۔
پاڻي ۽ ڪچري سان بيماريون: ڊينگي، مليريا، دست ۽ هيضو۔
ڪاروبار بند، دڪاندار نقصانن جو شڪار۔
شاگرد اسڪول وڃڻ کان محروم۔
حل ڇا آهي؟
ماهرن موجب ڪراچي کي بچائڻ لاءِ هي قدم لازمي آهن:
1. نالن تان قبضا ختم ڪري کين فعال ڪيو وڃي۔
2. جديد نيڪاسيءَ جو نظام قائم ڪيو وڃي۔
3. فنڊن ۾ شفافيت آڻي سخت احتساب ڪيو وڃي۔
4. بلدياتي نظام کي بااختيار بڻايو وڃي۔
عوام جو سوال
ڪراچي جا شهري چون ٿا ته هو هر سال ڪوڙا واعدا ٻڌي ٻڌي ٿڪجي پيا آهن۔ هاڻ وقت اچي ويو آهي ته حڪومت بيانن بدران عملي قدم کڻي۔ ٻي صورت ۾ ڪراچي، جيڪو پاڪستان جي معيشت جو وڏو سهارو آهي، هر سال ٻڏندو رهندو ۽ ان جا اثر سڄي ملڪ تي پوندا۔
اربين جي بجيٽ باوجود مسئلا حل نه ٿيڻ رڳو نااهلي ناهي، پر مجرمانه غفلت آهي۔
ڪراچي هاڻي رڳو بارش ۾ ٻڏندڙ شهر ناهي، پر حڪمرانن جي نااهليءَ جو جيئرو مثال بڻجي چڪو آهي۔ جيڪڏهن اڄ به اقتدار وارا سنجيده قدم نه کنيا ته تاريخ انهن کي عوام جي اکين ۾ ڏوهاري بڻائي ڇڏيندي۔
0 تبصرے