ماضي ۾ تارو تار وهندڙ شهر جي سڀ کان وڏي ۽ اهم ملير ندي پاڻي نه هجڻ سبب سڪل رهي ، ماحولياتي ماهر پريشان
ملير (تحقيقي ۽ تجزيائي رپورٽ) هن سال جي چوماسي برساتن دوران ڪراچي جون نديون هڪ حيرت انگيز ۽ پريشان ڪندڙ صورتحال جو شڪار رهيون. سُڪڻ ندي، جيڪا ماضي ۾ عام طور تي خاموش ۽ گهٽ وهيڪري واري ندي طور سڃاتي ويندي هئي هن ڀيري برساتن سبب پاڻي سان ڀرجي وئي. ان جي ابتڙ، شهر جي سڀ کان وڏي ۽ اهم ملير ندي پاڻي نه هجڻ سبب سڪل رهي ان صورتحال ماحولياتي ماهرن ۽ شهري منصوبا بندي ڪندڙن کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي۔ماحولياتي ماهرن موجب ملير ندي جي خشڪ ٿيڻ جا وڏا سبب زمينن تي قبضو، رهائشي رٿائون ۽ واپاري اڏاوتون ۽ پاڻي جي قدرتي وهڪري ۾ رڪاوٽون آهن. گذريل ڪجهه سالن ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي ۽ غير قانوني اڏاوتن ندي جي قدرتي وهڪري کي سخت متاثر ڪيو آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته برسات باوجود ندي اڳ وانگر وهي نه سگهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته ملير ندي ڪراچي لاءِ صرف هڪ قدرتي آبي رستو نه پر برسات دوران ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪال جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي. جيڪڏهن اها ندي پنهنجو اصل ڪردار وڃائي ڇڏي ته شهر ۾ ٻوڏجا خطرا وڌي ويندا. ساڳئي وقت نديءَ جي خشڪ ٿيڻ سبب زمين هيٺ پاڻيءَ جي سطح وڌيڪ هيٺ لهي ويندي، جيڪا اڳ ئي گهٽجڻ لڳي آهي. اهڙي صورتحال ۾ شهر جو ماحولياتي توازن سخت متاثر ٿيندو. ٻئي طرف سُڪڻ ندي جو غير معمولي نموني پاڻي سان ڀرجي وڃڻ ماهرن لاءِ هڪ نئون تحقيقي موضوع بڻجي ويو آهي. انهن موجب سُڪڻ ندي جي چوڌاري اڃا تائين گهٽ اڏاوتي دٻاءُ آهي، جنهن سبب قدرتي وهڪري ۾ ڪا وڏي رڪاوٽ پيدا نه ٿي آهي، ۽ نتيجي ۾ برسات دوران ندي پنهنجي مڪمل گنجائش سان پاڻي برداشت ڪري سگهي.
0 تبصرے