English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
فاطمه مجيد فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن ۽ سليم ديدڪ وائيس چيئرمين مقرر
46 views
|
25th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
فاطمه مجيد پاران مهاڻن جي ڀلائي، ترقي ۽ ڀارتي جيلن مان قيدين جي آزادي لاءِ جدوجهد جو اعلان
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)فاطمه مجيد فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن طور ڪامياب ٿي وئي آهي جڏهن ته سليم ديدڪ وائيس چيئرمين چونڊجي ويو هي پهريون موقعو آهي جو سوسائٽي جي چيئرمين شپ ڪنهن عورت حوالي ڪئي وئي آهي.پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر پاران چيئرپرسن لاءِ نامزد ڪيل فاطمه مجيد جي ڊائريڪٽرز ۽ عملي سان تعارفي گڏجاڻي ٿي، جنهن کانپوءِ باقاعدي طور اليڪشن عمل ڪيو ويو. 15 مان 14 ڊائريڪٽرز شريڪ ٿيا، جن هٿ کڻي فاطمه مجيد کي چيئرپرسن ۽ سليم ديدڪ کي وائيس چيئرمين چونڊيو اليڪشن ۾ ووٽ ڏيندڙ ڊائريڪٽرز ۾ شهزاد ڄاموٽ، عبدالناصر، سيد نور علي، حاجي احمد، فيصل خالد، لال بخش، عبدالستار، عبدالرشيد، محمد يوسف، سليم ديدڪ، فاطمه مجيد، محمد شڪيل ۽ ٻيا شامل هئا، جڏهن ته ڊائريڪٽر پرويز احمد غير حاضر رهيو. سيڪريٽري فشريز عمران شيخ ۽ سوسائٽي سان لاڳاپيل اهم اڳواڻ پڻ موجود هئا چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ۾ سهيل ڄاموٽ، عزيز داؤد جت، پ پ پ ملير پي ايس 87 جي صدر جان عالم ڄاموٽ، چيئرمين مبارڪ سنگو ۽ مهاڻن جي تنظيمن جا اڳواڻ پڻ شرڪت ڪري چيئرپرسن فاطمه مجيد کي مبارڪون ڏنيون. ان کان اڳ کين دهل شرنائين سان چيئرمين آفيس تائين آندو ويو، جتي شاندار آجيان ڪئي وئي.مهاڻن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪنديس:چيئرپرسن بڻجڻ کان پوءِ فاطمه مجيد چيو ته هن عهدي تي ڪنهن عورت جو پهريون ڀيرو اچڻ پيپلز پارٽي جي قيادت جو تاريخي فيصلو آهي. هن بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين اڳواڻن جا ٿورا مڃيا.فاطمه مجيد چيو ته هوءَ مهاڻن جي ڀلائي، سندن ترقي ۽ عالمي سطح تي کين عزت ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪندي. هن ٻڌايو ته سنڌ جا ڪيترائي مهاڻا ڀارتي جيلن ۾ قيد آهن ۽ هوءَ پاڻ به هڪ قيدي جي ڌيءَ آهي، تنهن ڪري قيدين جي آزادي لاءِ آواز اٿارڻ سندس اوليت آهي. هن وڌيڪ چيو ته مهاڻن جي زندگي بدلائڻ، عالمي معيار سان همڪنار ڪرڻ ۽ يورپي يونين جي پابندين جي زنجير ٽوڙڻ سندس مشن آهي اهي سڀئي چيلينجز اسان مڪمل ڪري ڏيکارينداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی کلب کے سالانہ انتخابات کل ہونگے،دوپینلز میں سخت مقابلہ متوقع
23rd Dec 2025
•
شوبز
صبا قمر کی بولڈ ویڈیو وائرل
23rd Dec 2025
•
تازہ ترین
پی آئی اے کی نجکاری کے بعد ملازمین کا کیا ہوگا؟ ایئر لائن خریدنے والے گروپ نے بتا دیا
23rd Dec 2025
•
دنیا
برطانوی حکومت نے کہا ہے کہ ہمیں پاکستان میں ’’تحفظ نہیں ملے گا‘‘: عمران خان کے بیٹوں کا بیان
23rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گهارو واسين جو ڌاڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج
23rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز جي جهنگلي کاتي پاران 7 هزار کان وڌيڪ غير قانوني پکين جو شڪار ڪندڙ گروه خلاف پٽيشن داخل
23rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی کلب کے سالانہ انتخابات کل ہونگے،دوپینلز میں سخت مقابلہ متوقع
23rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري: مبارڪ ڳوٺ ۾ جهيڙي دوران 2 ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي اسپتال منتقل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
فاطمه مجيد فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي
0 تبصرے