English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ سنڌ حڪومت جي پينشن پاليسي ۾ تبديلي خلاف تعليم کاتي جا استاد ۽ ملازم سراپا احتجاج
165 views
|
25th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
پگهارن ۾ ٿيندڙ معمولي واڌ موجوده مهانگائي جي دور ۾ زخمن تي لوڻ هڻڻ جي برابر آهي: حاجي اشرف خاصخيلي
ملير( ڊي ڪي شر) سنڌ حڪومت پاران پينشن جي ضابطن ۾ ڪيل تبديلين ۽ پگهارن ۾ معمولي واڌ خلاف، تعليم کاتي جي سرڪاري ملازمن سخت احتجاج ڪيو. هي احتجاج سنڌ ايمپلائيز الائنس گواس ، گسٽا ، سپسا ، سپلا ، پ ٽ الف ، آپڪا سميت سمورن تنظيمن پاران گڏيل اڳواڻي ۾ ملير پريس ڪلب آڏو ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ملازمن شرڪت ڪئي.احتجاج دوران ملازمن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سنڌ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي. انهن جو چوڻ هو ته حڪومت پينشن جي حق کي ختم ڪري ملازمن جو مستقبل غير محفوظ ڪري رهي آهي. ان کان علاوه، پگهارن ۾ ٿيندڙ معمولي واڌ موجوده مهانگائي جي دور ۾ زخمن تي لوڻ هڻڻ جي برابر آهي.ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ حاجي اشرف خاصخيلي سخت موقف اختيار ڪندي چيو ته حڪومت پنهنجي غير عوامي پاليسين تي نظرثاني ڪري نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. اسان پنهنجي حقن جي حفاظت لاءِ آخري حد تائين وڙهنداسين. هن وڌيڪ چيو ته اسان حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته پينشن جي پراڻي پاليسي فوري طور بحال ڪئي وڃي ۽ مهانگائي جي تناسب سان پگهارن ۾ مناسب واڌ ڪئي وڃي ۽ ڊسپيرسٽي الاونس 50٪ ڌنوجي ۽ سنڌ حڪومت پاران پينشن ۾ اصلاحات ملازمن جو معاشي قتل عام نا منظور ڪيو ٿا ۽ گروپ انشورنس، بينوول فنڊ، رٽائرمنٽ وقت ادا ڪيو وڃي ان سان گڏ پڻ پگهارن ۾ 70٪ واڌ ڪئي وڃي. سپسا ضلع ملير جي اڳواڻن حاجي خان ٿينو,عبدالجبار ککراڻي ۽ ٻين چيو ته پينشن اسان جو بنيادي حق آهي ۽ حڪومت ان ۾ تبديليون ڪري ملازمن جو مستقبل غير محفوظ ڪري رهي آهي. ان کان علاوه، وفاقي سرڪار جي 25 سيڪڙو واڌ جي مقابلي ۾ سنڌ حڪومت پاران پگهارن ۾ معمولي واڌ ڪرڻ هڪ مذاق آهي، جيڪا مهانگائي جي هن دور ۾ زخم تي لوڻ هڻڻ برابر آهي. گواس ضلع ملير جي اڳواڻن منظور احمد ميمڻ ,نبي بخش شر ,رشيد احمد مارفاڻي ۽ ٻين چيو ته پينشن جي پراڻي پاليسي فوري طور بحال ڪئي وڃي ۽ مهانگائي جي تناسب سان پگهارن ۾ مناسب واڌ ڪئي وڃي ۽ ڊسپيرسٽي الاونس 50٪ ڌنوجي سنڌ حڪومت پاران پينشن ۾ اصلاحات ملازمن جو معاشي قتل عام نا منظور ڪيو ٿا ۽ گروپ انشورنس، بينوول فنڊ، رٽائرمنٽ وقت ادا ڪيو وجي ان سان گڏ پڻ پگهارن ۾ 70٪ واڌ ڪئي وجي. احتجاج کي خطاب ڪندي گسٽا جي اڳواڻن شفقت حاجانو ,ناصر ميراني ۽ مقبول ساهو پڻ حڪومت جي قدمن جي سخت مذمت ڪئي. پ ٽ الف جي اڳواڻن غلام سرور گرگيج,وڏيرو اعزاز علي جوکيو,اعجاز علي بهادر ميراني ۽ سليم جعفري پڻ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي ملازمن جي جدوجهد کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ڪيو. ملازمن مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا جلد نه مڃيا ويا ته اهي وڌيڪ سخت قدمن تي غور ڪندا ۽ احتجاج جو دائرو وڌائيندا، جنهن جي سموري ذميواري حڪومت تي هوندي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حاجي اشرف خاصخيلي
سنڌ حڪومت جي پينشن پاليسي
0 تبصرے