English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ ايمپلائيز الائينس ضلعي ٺٽي جو اجلاس منعقد
66 views
|
24th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
25آگسٽ تي تالا بندي ڪري قلم ڇڏ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)سنڌ ايملائز الائنس ضلعو ٺٽو پاران سنڌ جي ملازمن پاران پينشن ۾ ڪٽوتي، ڊي آر اي الائونس نه ملڻ سميت ملازم دشمن قانونن خلاف سومر 25 آگسٽ تي سمورين آفيسن, تعليمي اداره ۽ سرڪاري اسپتالون ۾ مڪمل تالا بندي ڪري قلم ڇڏ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس ضلعي ٺٽي جو هڪ اجلاس گسٽا ضلعي ٺٽي جي ميزباني ۾ هاءِ اسڪول مڪلي ۾ ٿيو جتي گسٽا، پ ٽ الف، گواز، سسپا, سپلا, گريوا، آپڪا، پيراميڊيڪل، لوئر اسٽاف سميت مختلف ملازمن تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ ايمپلائيز الائينس ضلعي ٺٽي جي چيئرمين ۽ گسٽا اڳواڻ غلام نبي خشڪ، علاءُالدين بروهي، پ ٽ الف اڳواڻ شريف تنيو، خير محمد بروهي،, غلام محمد ٻارچ,عبدالغفور ڪلمتي, محمد علي ٻٻر,سرور جوکيو, لياقت چانڊيو, غلام حيدر ڪلمتي گواز اڳواڻ سيد فدا حسرن شاھ, محمد حسن سومرو, محمد بخش بھراڻي بشارت جوکيو, آپڪا اڳواڻ احمد نواز پٺاڻ، عبداڪريم بانڊ,سجاد سمون، تاج بروهي، سسپا اڳواڻ حيات ميمڻ، پيرا ميڊيڪل اڳواڻ انور جاکرو، لوئر اسٽاف اڳواڻ وزير هالو ۽ ٻين چيو ته سومر جي ڏينهن اسڪولن سميت ضلعي جي سمورن ادارن کي تالا هڻي مڪمل ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ويندي، هنن چيو ته حڪومت هر روز نوان ملازم دشمن ڪارا قانون آڻي ملازمن کي معاشي نقصان ڏيئي رهيا آهن جنهن جي خلاف سمورا ملازم هم آواز آهن ۽ مرحلي وار احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويئي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
کراچی: جماعتِ اسلامی کے امیر حافظ نعیم الرحمن کی مبینہ آڈیو لیک
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
بحريا ٽائون انتظاميه جي ڪارروائي، فليٽن آڏو گذرندڙ ٻڪرين کي پڪڙي ورتو
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ملير جون چونڊون، سيد سجاد علي شاھ صدر چونڊجي ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهرو فيروز ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران ايم ظفر تڳر جي مان ۾ آجياڻو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ ايمپلائيز الائينس ضلعي ٺٽي
گسٽا ضلعي ٺٽي
هاءِ اسڪول مڪلي ۾ اجلاس ٿيو
0 تبصرے