نائب صدر شهنشاهه چارڻ، جنرل سيڪريٽري طارق جان سهتو چونڊجي ويا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عوامي پريس ڪلب ملير جون سال 2026 جون چونڊون اليڪشن ڪميشن ايڊووڪيٽ فاروق ڳورڙ، سماجي اڳواڻن غلام نبي مگسي ۽ فرحان ميمڻ جي نگراني ۾ ٿي گذريون جنهن ۾ صدر سيد سجاد علي شاھ، نائب صدر شهنشاهه چارڻ، جنرل سيڪريٽري طارق جان سهتو، جوائنٽ سيڪريٽري غلام علي برفت، خزانچي علي اصغر ميمڻ، آفيس سيڪريٽري ايم زمان جوکيو ۽ ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي سامي ميمڻ، سيد عنايت علي شاھ، جمشيد زهراڻي چونڊيا ويا نون چونڊيل عهديدارن کي اجرڪن ۽ گلن جا تحفا ڏئي خوشي جو اظهار ڪيو ويو اليڪشن سرگرمي ۾ مبصر طور ملير جي سياسي سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھ، آغا شير گل سرڪي، منهنجا مارو ملير جا جي اڳواڻن عرفان عباسي، شبير شاھ، بخشل سيال، عوامي تحريڪ اڳواڻ اقبال جروار، عزيز لانگاھ، جسم اڳواڻ فيض هيسباڻي ، ڪامريڊ وهاب گبول ، شيراز سولنگي، سماجي اڳواڻ رجب ڀنڊ سميت سياسي، سماجي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي نئين چونڊيل صدر سيد سجاد علي شاھ خطاب ڪندي چيو ته آئون دلي طور تي پريس ڪلب جي سمورن ميمبرن جو ٿورائتو آهيان جن مونتي اعتماد ڪندي سال 2026 جو صدر چونڊيو آهي اسان جي ڪوشش رهي آهي ته ملير جي پٺتي پيل علائقن جي نمائندگي ڪئي وڃي جنهن ۾ اسان گهڻي قدر ڪاميابي به ماڻي آهي اسان پنهنجي ماڻهن سان جڙيل آهيون ڪراچي جي ضلعي ملير ۾ عوامي مسئلن جا انبار، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون چوٽ چڙهيل آهن، ذراعت ۽ ماحوليات تباهي ڪنڌي پهتل آهي ڌاري آبادڪاري جي دٻاءُ سبب ملير ۾ سنڌي ماڻهو تيزيءَ سان اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهن اهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ ملير جي سنجيده پڙهيل لکيل ذميوار صحافين جو فرض آهي ته هو اڳي کان به وڌيڪ لکن لڪل حقيقتون پڌريون ڪن ۽ عوام کي سجاڳ ڪري سنڌ سميت ملير جي بقا لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪن.
0 تبصرے