عمرڪوٽ جي پراڻي سول اسپتال غير فعال هجڻ جو سيد سردار شاهه ۽ امير علي شاهه پاران نوٽيس

صوبائي وزير سيد سردار شاهه ۽ سيد امير علي شاهه اسپتال کي جلد فعال ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

عمرڪوٽ جي پراڻي سول اسپتال غير فعال هجڻ جو سيد سردار شاهه ۽ امير علي شاهه پاران نوٽيس

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عوامي شڪايتن تي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلي سيد امير علي شاهه فوري نوٽيس وٺندي پراڻي سول اسپتال عمرڪوٽ کي جلد کان جلد فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، شھريَن جي شڪايتن موجب ڊي ايڇ ڪيو اسپتال شهر کان ڪافي پنڌ تي آھي، جتي وڃڻ لاءِ مريضن کي پنج سؤ کان هزار رپيا تائين ڀاڙو ڀرڻو پوي ٿو، ميڊيا تي اھڙيون شڪايتون سامھون اچڻ بعد صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ ۽ ايم پي اي امير علي شاھ نوٽيس وٺي لاڳاپيل اختيارين کي حڪم ناما جاري ڪيا، نوٽيس بعد پيپلز پارٽي اڳواڻ برهان الدين ڪنڀر، انجنيئر عظيم ڪنڀر، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لڇمڻ داس ۽ چيتن ڪرماڻي اسپتال جو دورو ڪيو، مرمتي ڪم جو جائزو ورتو ۽ يقين ڏياريو ته اسپتال جي او پي ڊي کي جلد فعال ڪيو ويندو، جيئن شھرين کي بنيادي طبي سهولتون ميسر ٿي سگھن.