پوليو مهم دوران 234,596 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا: ڊي سي منور عباس سومرو
ٺٽو (ڊ ر) ٺٽي ۾ پهرين سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ ست ڏينهن واري پوليو مهم جي انتظامن کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سيد صفدر شاهه، يونيسيف ۽ صحت کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٺٽي ضلعي جي چئن تعلقن ٺٽو، گهوڙاٻاري، ميرپور ساڪرو ۽ ڪيٽي بندر جي 30 يونين ڪائونسلن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي 234,596 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا، جڏهن ته پوليس پاران پوليو ورڪرز کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو چيو ته گهربل هدف حاصل ڪيو ويندو. صحت کاتي جون ٽيمون ڪوشش ڪن ته ڪو به ٻار پوليو جي ڦڙن کان محروم نه رهي. ڊپٽي ڪمشنر تعليم کاتي ۽ مقامي حڪومت جي نمائندن کي چيو ته اهي پوليو ٽيم سان مڪمل تعاون ڪن ته جيئن مستقل بنيادن تي پوليو جو خاتمو ڪري سگهجي ۽ معصوم ٻارن کي ويڪسين لڳائي سگهجي. سيد حيدر شاهه، خدا بخش بهراڻي، ۽ اين جي او جي نمائندن وڏي انگ ۾ پوليو جي مريضن کي بچائڻ لاءِ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
0 تبصرے