English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
132 views
|
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪرپشن، سفارش، رشوت ۽ اقرباپروري سڄي انفراسٽرڪچر کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. آئين ۽ قانون جي حڪمراني ناھي
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي اسان کي سڀني انسانن سان پيار آھي پر اسان کي پنھنجي وطن سان سڀني کان وڌيڪ پيار آھي. سنڌ اسان جي آھي. سنڌ جي وحدت تي ڪو بہ وار برداشت نہ ڪنداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپشن، سفارش، رشوت ۽ اقرباپروري سڄي انفراسٽرڪچر کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. آئين ۽ قانون جي حڪمراني ناھي. جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو پنھنجا حُڪم ھلائي ٿو. مختلف ضلعا وزيرن ۽ ايم پي ايز کي جاگيرون بنائي ڏنا ويا آھن. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ڌاڙيل پالي رھي آھي. سنڌ جو امن امان تباھ ڪيو ويو آھي. جيڪو ماڻھو اغوا ٿئي ٿو، اھو ڀنگ ڀري بازياب ٿئي ٿو. سنڌ پوليس منشيات فروشن جي سرپرستي ۽ وزيرن کي پروٽوڪول ۾ مصرف آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي اقتدار کي بچائڻ لاءِ سنڌو درياءَ، زمينن سميت وسيلن جي سوديبازي ڪري سنڌي ماڻھن جي پٺ ۾ خنجر پئي ھڻي سنڌ کي مڪمل ختم ڪرڻ چاھي ٿي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ پ جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي. ايندڙ وقت سنڌ لاءِ وڌيڪ ڏکيو آهي پيپلزپارٽي کي سنڌي ماڻهن جي تڪليفن جي ڪا بہ پرواھ نہ آھي سنڌي عوام تي تڪليفون اچڻ سان ڄڻ پيپلزپارٽي ۽ سندس ڪرپٽ سنڌ حڪومت جي لاٽري کليو وڃي اياز لطيف پليجو چيو تہ پاڻ سڀ تبديلي جي ڳالھ تہ تمام زبردست ڪندا آھيون مگر جڏھن تبديلي اچڻ واري اليڪشن جو ٽائيم ايندو آھي تہ پوء پاڻ سنڌ جي ھمدردن ھڏ ڏوکين کي ووٽ ڏيڻ بجاء ڪرپٽ، چور، ڀوتارن، سردارن ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻندڙ پيپلزپارٽي جي پويان ھوندا آھيون انھن کي سوڀارو ڪري ايوانن تائين پھچائيندا آھيون پوءِ واري پنج سال رڙيون دانھون ڪندا آھيون ظالم حڪمرانن سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو، مھنگائي، بدامني، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڪرپشن اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے