English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ آزادي جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ريليون ۽ تقريبون منعقد
views
|
14th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سرڪاري، نيم سرڪاري، نجي ادارن، سياسي ۽ سماجي تنظيمن ۽ شهرين طرفان شاندار تقريبون
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ آزادي جو ڏهاڙو شاندار جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، تقريبون، ريليون، ملي نغما، پرچم ڪشائي ۽ شجرڪاري مھم پوري ضلع ۾ حب الوطني جا رنگ نکري پيا. عمرڪوٽ ضلعي ۾ پاڪستان جي 78هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي سرڪاري، نيم سرڪاري، نجي ادارن، سياسي ۽ سماجي تنظيمن ۽ شهرين طرفان شاندار تقريبون، ريليون ۽ پرچم ڪشائي جا پروقار پروگرام منعقد ڪيا ويا، مرڪزي تقريب گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاھري جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين سيف الله خالد سراج سومرو، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر رجب علي سٺيو، سي ايم او سيد ساجد علي شاهه، پرنسپال پروفيسر عبدالروف سومرو، ايم سي ميمبر رميش ڪمار رتناڻي، ڪنول موھن لال رتناڻي، ڪنھيا موھن لال سميت سرڪاري آفيسرن سماجي اڳواڻن، استادن، شاگردن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، قومي پرچم ڪشائي، قومي ترانو، ملي نغما، حب الوطني تي ٻڌل تقريرون ۽ ٽيبلوز تقريب کي يادگار بڻائي ڇڏيو تقريب دوران مقررين نوجوانن تي زور ڏنو ته هو تعليم، محنت ۽ اتحاد کي پنهنجو شعار بڻائن، شاگردن ۾ انعام به ورهايا ويا ۽ شهر کي قومي جهنڊن، بتين، بينرن سان سينگاريو ويو، آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان آپريشن ڊويزن حيسڪو عمرڪوٽ ۾ به تقريب ٿي، جنهن ۾ پرچم ڪشائي ايگزيڪيوٽو انجنيئر علي رضا ڀٽي ڪئي تقريب ۾ محمد معراج کوسو، افضل آريسر سميت ٻيا نمائندا ۽ اسٽاف شريڪ ٿيا ايم ايس ايف عمرڪوٽ طرفان جشن آزادي جي موقعي تي پير صاحب پاڳاري جي بنگلي تي پرچم ڪشائي ڪري ڪيڪ ڪٽي ملڪي سلامتي لاءِ دعائون گھريون ويون تقريب ۾ ايم ايس ايف جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فقير محب منڱريو، ثنا الله مھر، عارف مھر، رحمت الله ساند، شير مھر، علي حسن منڱريو، لال محمد راجڙ سميت ٻين شرڪت ڪئي جڏھن ته لال گرامر اسڪول ۾ تقريب ڪوٺائي ويئي جنھن ۾ نواز ليگ ايم اين اي نيلم ڪماري، سيد صفدر علي شاھ، موھن لال موتي، انجنئير شھزاد منڱريو، فقير علي نواز رند، فقير اياز علي رند، حاجي احمد مري، شاھجان علي شاھ سميت ٻين شرڪت ڪئي تقريب دوران شاگردن توڙي شاگردياڻين تقريرون ڪري ۽ ٽيبلو پيش ڪيو ۽ خوب داد حاصل ڪئي فائونڊيشن اسيسٽيڊ اسڪول نيو جرني پبلڪ سيڪڊري اسڪول عمرڪوٽ ۾ جشن آزادي جي موقعي تي تقريب ٿي جنھن ۾ استادن ۽ سماجي حلقن اسڪول پارٽنر موهن لال مالهي، پرنسپال لقمان پلي، سپروائيز ولي محمد نهڙي ۽ اسڪول اسٽاف ۾ اميت لکاڻي, سروڻ اوڏ, اجئه ڪلال, يار محمد مهر, سومجي ڀيل، وڪرم ڪاگا، علي حسن خاصخيلي، هيرالال اوڏ ۽ ٻين شرڪت ڪئي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان ملي نغما ۽ ٽيبلوز پيش ڪري داد حاصل ڪيو جڏھن ته مختلف سياسي ۽ سماجي حلقن پوري ضلع ۾ ريليون ڪڍيون، پاڪستان زنده باد ۽ پاڪ فوج زنده باد جا نعرا فضا ۾ گونجي اُٿيا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سندھ میں ڈینگی اور وائرسز کا بڑھتا حملہ......
23rd Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
اسٽيل ملز ملازمن جا وکري ويل خواب ۽ زوال جو شڪار اجڙي ويل گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جا رھواسي ..!!
23rd Oct 2025
•
سندھ
سلمان اکرم راجہ سے رانا محمد اعظم کی ملاقات،سیاسی و تنظیمی امور پر تبادلہ خیال
23rd Oct 2025
•
دنیا
صدر ڈونلڈ ٹرمپ نے خبردار کیا ہے کہ اگر اسرائیل نے مقبوضہ مغربی کنارے کو ضم کرنے کی کوشش کی تو وہ امریکا کی حمایت سے ہاتھ دھو بیٹھے گا۔
23rd Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سندھ میں ڈینگی اور وائرسز کا بڑھتا حملہ......
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ رمضان موروجو واسين جو احتجاجي مظاهرو
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ منشيات جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڏيڍ سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ ۾ آزادي جو ڏهاڙو
عمرڪوٽ
0 تبصرے