تقريب ۾ فنڪشنل مسلم ليگ ضلع عمرڪوٽ جي اڳواڻ فقير غلام محمد مهر ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) مسلم اسٽوڊنٽ فيڊريشن فنڪشنل ضلعي عمرڪوٽ طرفان پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صوبائي صدر سيد صدرالدين شاھ راشدي (يونس سائين) جن جي سالگرھ جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي آھي.جنھن ۾ ايم ايس ايف جي سڀني عھديدارن ۽ ڪارڪن شرڪت ڪئي خبر موجب پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل صوبه سنڌ جي صدر سائين صدرالدين شاه راشدي جي سالگرهه جو ڪيڪ مھر هائوس عمرڪوٽ تي ايم ايس ايف جي آرگنائيزر ثناءالله مهر ۽ ايم ڪي مهر طرفان ڪٽيو جنهن ۾ فنڪشنل مسلم ليگ ضلع عمرڪوٽ جي اڳواڻ فقير غلام محمد مهر ۽ ايم ايس ايف جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آخر ۾ سائين جن جي خضري حياتي لاء دعا پڻ گهري وئي
0 تبصرے