پنوعاقل واسي جوڙي ڪراچي ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، نوجوان جي گهر تي مبينا حملو

ماسات خورشيده سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي پر مائٽن شادي قبول نه ڪندي گهر تي حملو ڪيو: محبت علي شيخ

پنوعاقل واسي جوڙي ڪراچي ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، نوجوان جي گهر تي مبينا حملو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پنوعاقل ضلع سکر جي رهواسي نوجوان محبت علي شيخ ۽ سندس گهرواري خورشيده شيخ ڪراچي پهچي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان ٻنهي شرعي ۽ قانوني طريقي سان باهمي رضامندي سان محبت جي شادي ڪئي آهي، پر اسان جا ويجها مائٽ هن شادي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ اسان جي جان جا دشمن بڻجي ويا آهن محبت علي شيخ ٻڌايو ته سندس گهرواري خورشيده شيخ سندس سڳي ماسات آهي، جنهن جو والد ڪجهه سال اڳ لاڏاڻو ڪري ويو هو، جڏهن ته هن خورشيده جي ماءُ جي اجازت سان شريعت محمدي جي طريقي سان نڪاح ڪيو۔ اسان ڪو گناهه نه ڪيو آهي، پر اسان جي مائٽن ۾ چاچا درويش، اختيار ۽ ڪزن زاھد شيخ اسان جي خلاف ٿي ويا آهن ۽ اسان کي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن۔هن وڌيڪ چيو ته شادي کان پوءِ جڏهن اسان ڪراچي پهتاسين ته پنوعاقل ۾ اسان جي گهر تي حملو ڪيو ويو، منهنجي گهرواري جي ماءُ تي تشدد ڪيو ويو ۽ گهر جو سمورو سامان به کڻي ويا۔ جوڙي جو چوڻ هو ته اسان کي خدشو آهي ته اسان کي به قتل ڪيو ويندو۔ ڪنوار خورشيده شيخ ڳوڙها ڳاڙيندي چيو ته مون پنهنجي مرضي سان محبت جي شادي ڪئي آهي، ڪنهن به مون کي اغوا نه ڪيو آهي، هاڻي رڳو تحفظ گهرجي ته جيئن اسان امن سان زندگي گذاري سگهون۔متاثر جوڙي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مخالف ڌر خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کين تحفظ ڏنو وڃي، جيئن هو بنا خوف جي پنهنجي زندگي جو سفر جاري رکي سگهن۔جوڙي موجب انهن ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ عدالت آڏو نڪاح رجسٽر ڪرايو آهي ۽ نڪاح جون قانوني دستاويزون پڻ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن۔