English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ لطيف جي پارکو پروفيسر خاصخيلي محمد رحيم راولاڻي جي ڏهين ورسي تقريب
72 views
|
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي سيريز جي سنڌي سکيا مرڪز ۾ رحيم راولاڻي ادبي اڪيڊمي ۽ مهراڻ لائبريري ملير طرفن تقريب منعقد
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي نامور تعليم دان، ليکڪ، شاعر ۽ شاهه لطيف جي فڪر جي پارکو پروفيسر خاصخيلي محمد رحيم راولاڻي جي ڏهين ورسي جي مناسبت سان تقريب ڪراچي سيريز جي سنڌي سکيا مرڪز ۾ رحيم راولاڻي ادبي اڪيڊمي ۽ مهراڻ لائبريري ملير طرفان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن سان گڏ نامور اديبن، شاعرن، شاگردن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب جي صدارت ادبي شخصيت پروفيسر مشتاق مهر،ڪئي جڏهن ته مختلف ساٿين ۽ شاگردن پروفيسر اعجاز قريشي، رياض شاهد دايو، پروفيسر سندرداس، منٺار خاصخيلي، شفيع مرگهر،غلام نبي مگسي لطيف راولاڻي ۽ ٻين مرحوم پروفيسر جي علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. مقررن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پروفيسر محمد رحيم راولاڻي پنهنجي زندگي تعليم ۽ ادب کي واڳيل رهيو، خاص طور تي شاهه لطيف جي شاعري ۽ فڪر کي نئين نسل تائين پهچائڻ لاءِ سندس ڪوششون هميشه ياد رکبيون مقررن وڌيڪ چيو ته راولاڻي نه صرف ليکڪ ۽ شاهه لطيف جو محقق هو، پر هڪ بهترين استاد ۽ راهه ڏيکاريندڙ شخصيت به هو، جنهن پنهنجي شاگردن ۾ علمي شعور سان گڏ قومي سڃاڻپ جو احساس به پيدا ڪيو.تقريب ۾ سندس زندگي ۽ خدمتن تي مقالا پڙهيا ويا ۽ لطيفيات تي سندس تحقيق کي سنڌ جي فڪر ۽ ادب لاءِ امر خزانو قرار ڏيندي سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ ڪيل ڪوششن کي ياد رکڻ جو عزم ورجايو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مرحوم استاد عمردراز مهر، سنڌ ڌرتيءَ سان نينهن نڀائيندڙ علمي ڪردار
12th Jan 2026
•
سندھ
کراچی میں اجتماعی شادی کی تقریب، 75 ہندو جوڑے شادی کے بندھن میں بندھ گئے
12th Jan 2026
•
تازہ ترین
ٹرمپ کا انجام بھی فرعون، نمرود اور رضا شاہ جیسا ہوگا: ایرانی سپریم لیڈر
12th Jan 2026
•
تازہ ترین
صدر کی منظوری کے بغیر آرڈیننس جاری ہونے پر پیپلز پارٹی کا ایوان سے واک آؤٹ، بلاول نے اہم اجلاس طلب کر لیا
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
گهارو ويجهو حادثي ۾ هڪ ڄنو فوت، ٻيو زخمي
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان تي پهتل
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ھاليجي ڍنڍ جي ڳوٺ حاجي ميربحر ۾ پورهيت جي گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي رک
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير ۾ لطيف جي پارکو
0 تبصرے