English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اجلاس
views
|
17th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي اپيڪس ڪميٽين جي فيصلن تي عملدرآمد لاءِ هدايتون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ضلعي هم آهنگي ڪاميٽي (District Coordination Committee) جو اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي ايپڪس ڪميٽين جي فيصلن تي عملدرآمد لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون۔ تفصيلي رپورٽ مطابق، ڪاميٽي مختلف ترقياتي ۽ سيڪيورٽي سان لاڳاپيل فيصلن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن جو جائزو ورتو۔ ان موقعي تي ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمران خان، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو ۽ پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر نيشنل هاءِ ويز ميرپورخاص، اي ٽي او ايڪسائيز عمرڪوٽ سرفراز جلباڻي، چيف مونسپل آفيسر عمرڪوٽ سيد ساجد علي شاه، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ هريش چندر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زراعت اياز ڪاڇيلو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ عمرڪوٽ نديم احمد، سيڪريٽري آر ٽي اي سيد شيراز علي شاه، چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر ممتاز ڀٽي، ٽائون آفيسر جهانزيب آرائين، سيد شهمير شاه، فرحان علي، ليبر آفيسر گلزار احمد آرائين، ايڪسين حيسڪو علي رضا ڀٽي ۽ حساس ادارن جا نمائندا آءِ ايس آءِ، آءِ بي، سي ٽي ڊي، اسپيشل برانچ، ايم آءِ، ڊي آءِ بي، اطلاعت کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر شامل هئا۔اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ زور ڏنو تہ لاڳاپيل کاتا ۽ ادارا پنهنجون ذميواريون وقت سر ۽ مؤثر طريقي سان نڀائن تہ جيئن ترقياتي پروگرامن ۽ سيڪيورٽي قدمن جا نتيجا بروقت حاصل ٿي سگهن۔ ان سلسلي ۾، هوم ڊپارٽمينٽ سنڌ جي هدايت موجب مختلف منصوبن ۽ فيصلا تي عملدرآمد جي نگراني ڪئي ويندي۔ ان سان گڏ اجلاس ۾ اهو پڻ جائزو ورتو ويو تہ ايپڪس ڪميٽين جي فيصلن تي عملدرآمد لاءِ مؤثر نظام تيار ڪيو وڃي ۽ سياسي ۽ انتظامي سطح تي گڏيل ڪوششون جاري رکيون وڃن۔ ڊپٽي ڪمشنر هدايت جاري ڪئي تہ تمام اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ اينٽي اينڪروچمينٽ مهم (غير قانوني حد دخلين خلاف مهم) هلائن سڀ غيرقانوني پيٽرول پمپ سيل ڪن ۽ ڪنهن بہ دوڪاندار کي شهري آبادي ۾ ديوالي جا فٽاڪن جي اسٽاڪ رکڻ جي اجازت نہ ڏني وڃي جيڪو بہ ان جي ڀڃڪڙي ڪندو، ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو تہ ايف آءِ اي جي سائبر وِنگ کي هڪ مراسلہ موڪليو ويندو تہ ضلعو عمرڪوٽ ۾ هڪ فوڪل پرسن مقرر ڪيو وڃي جيڪو سوشل ميڊيا سان لاڳاپيل مسئلن تي رپورٽ پيش ڪندو۔ اجلاس ۾ مختلف کاتن پنهنجي ڪارڪردگي بابت رپورٽون پيش ڪيون۔ ان موقعي تي ايڪسين حيسڪو ٻڌايو تہ کاتي جي پوري ڊويزن ۾ گھريلو صارفين جي 70 سيڪڙو ۽ تجارتي صارفين جي 100 سيڪڙو وصوليون مڪمل ٿي چڪيون آهن جڏهن تہ بجلي چوري خلاف ڪارروائي وڌيڪ تيز ڪئي وئي آهي۔ آخر ۾ ڪميٽي جي سربراھ فيصلو ڪيو تہ اهڙي نوعيت جا اجلاس باقاعدي بنيادن تي منعقد ڪيا ويندا، جيئن حڪومتي قدمن جا نتيجا حاصل ڪري علائقي ۾ امن ۽ ترقي جو ماحول برقرار رکي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Nov 2025
•
پاکستان
ایف ایف سی کو "کمپنی آف دی ایئر ایوارڈ" سے نوازا گیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں 27ویں آئینی ترمیم پیش — حکومت کی پوزیشن مضبوط، اپوزیشن کا واک آؤٹ
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
نواز شریف کی قومی اسمبلی آمد — ایوان میں لیگی ارکان کا پرتپاک استقبال، بلاول بھٹو نے بھی مصافحہ کیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں ہنگامہ — محمود خان اچکزئی نے 27ویں آئینی ترمیم کے بل کی کاپی پھاڑ دی
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اينٽي ھيومين ٽريفڪنگ جو اجلاس
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سامارو شھر ۾ اي سي سنجي ڪمار ترڪيو پاران کلي ڪچري منعقد
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ورلڊ بينڪ جي ٽيم پاران ڳاڙهو، ڪيٽي بندر ۽ گهوڙا ٻاري جا دورا
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جو ايس ايس پي پئسي جو شوقين آھي، کيس جلد گهر ڀيڙو ڪرايو ويندو: نواب تيمور ٽالپر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ ۾ ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ
0 تبصرے