استادن جو پراڻو خواب ساڀيان ٿيڻ وارو

حاجي شفيع محمد سٺيو

استادن جو پراڻو خواب ساڀيان ٿيڻ وارو

گذريل 78 سالن کان جيڪو سنڌ جي پرائمري استادن جو خواب هيو انهي تي عمل ڪرائڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون ويون آهن، انهيءَ سروس اسٽرڪچر لاءِ پاڻ ڏينهن رات ڪوششون ڪاوشون ۽ عملي جدوجهد ورتي آهي، انهيءَ پوري پس منظر ۾ پويان هڪ ڊگهي جدوجهد ڪارفرما آهي، هونئن به ڪنهن به عملي جدوجهد کان سواءِ ڪا شيء ملڻ ناممڪن آهي، اهڙي طرح هاڻي سروس اسٽرڪچر لاءِ ڪجهه آگاهه ڏيندو هلان ته هڪ وڏو استادن جو تعداد صبح شام ميسيج ڪري فون ڪري يا وري سوشل ميڊيا معرفت سروس اسٽرڪچر بابت پوزيشن معلومات بابت ڄاڻ گھرن چاھين ٿا انھن لاء گذارش آئون ڪوشش ڪندو آھيان ھفتي وار سنڌ جي پرائمري استادن کي سروس اسٽرڪچر بابت ڪيل پيش رفت کان آگاھ ڪيان ڪجھ ڏينھن پھرين اي جي سنڌ آفيس ٻاھران ھڪ وڊيو پيغام ڇڏيو تہ سروس اسٽرڪچر بابت فنانس کاتي کي کان مڪمل انگ اکرن سان سمورن استادن جي فنانشنل ايمپليڪيشن بابت معلومات لاء سيڪريٽري صاحب ايڊيشنل سيڪريٽري صاحب جن جي معرفت بجيٽ کاتي جا آفيسر ۽ آئون اي جي سنڌ ۾ سروس اسٽرڪچر بابت ڊيٽا لاء ويا سون اي جي وارن چيو تہ ڪجھ ڏينھن ۾ توھان کي ڊيٽا ملي ويندي ھيٺ جيڪا مون ڊيٽا جي تصوير رکي آھي اھا اسان کي ڪجھ ڏينھن پھرين ملي جنھن بعد ان تي ھڪ ٽيم ٽي ڏينھن ڪم ڪيو ۽ فنانشنل ايمپليڪيشن تيار ڪري جڏھن فنانس کاتي سان شيئر ڪئي تہ فنانس کاتي وري اعتراض واريندي ٽيم کي پاڻ وٽ گھرائي ھڪ وڏو پروفارما ٽائيب ٺاھي ڏنو تہ ھن طريقي سان مڪمل ھڪ ھڪ استاد جي فنانشنل ايمپليڪيشن ٺاھي ڏيو جنھن بعد ڪلھ شام وري اي جي سنڌ جي ذميوار آفيسر سان ايڊيشنل سيڪريٽري صاحب ۽ بجيٽ جي ٽيم رابطو ڪيو تہ ھن طريقي سان توھان پاران مليل ڊيٽا مان ڪڍي ڏيو جنھن تي اي جي سنڌ وارن چيو تہ اسان وٽ اھڙو ڪو جديد سسٽم ناھي جو ھيڏي وڏي ڊيٽا مان ھڪ ھڪ استاد جي ڊيٽا الڳ ڪري ڏيون اسان جيئن ئي اھڙو پاسورڊ ھڻون ٿا تہ سسٽم ۾ ارر اچيو وڃي ان لاء لاء اسان کي گھٽ ۾ گھٽ ٻہ مھينا درڪار ھوندا جنھن بعد مون کين چيو تہ ڪو تہ طريقو حل ھوندو جنھن تي اي جي سنڌ وارن چيو بلڪل ھڪ پرائيويٽ اڪائونٽ آڊٽ فرم آھي انھن وٽ جديد سسٽم ۽ ٽيم موجود آهي اھي پنھنجي فيس وٺندا ء ڪم جلدي ڪري ڏيندا مون کين چيو آئون فيس ڏيڻ لاء تيار آھيان جنھن بعد اڄ انهن پرائيويٽ فرم سان ميٽنگ ڪري کين مڪمل اي جي سنڌ مان مليل ڊيٽا ڏني ويندي انشاءالله مون کي اميد آهي ھڪ ھفتي اندر فنانس کاتي پاران گھر فنانشنل ايمپليڪيشن بابت ڊيٽا انگ اکر جمع ٿيندا، سنڌ جا استاد ساٿيو مون وعدو ڪيو تہ انشاءالله سنڌ جي استادن کي سروس اسٽرڪچر ۽ مقرري واري تاريخ کان پڪو ڪرائڻ وارا ٻہ اھم ڪم آئون الله پاڪ جي مدد سان ڪري ڏيکاريندس ڇاڪاڻ تہ صوبائي وزيرِ تعليم سنڌ سيد سردار شاھ...سيڪريٽري تعليم سنڌ زاھدعلي عباسي صاحب پاران وعدو ڪيو تہ ھي ٻئي استادن جا مسئلا جائز آھن اھي گڏجي حل ڪنداسون منسٽر صاحب سيڪريٽري صاحب منھنجي ڊيوٽي لڳائي ۽ مون سان ايڊيشنل سيڪريٽري عاشق کوسو صاحب ۽ بجيٽ جي پوري ٽيم کي پابند ڪيو تہ سروس اسٽرڪچر. مقرري واري تاريخ کان پڪو ڪرائڻ لاءِ ڪم ڪيو ان بعد 17 جون تي سروس اسٽرڪچر ڪاميٽي پاران متفقه منظوري ڏني بعد ۾ الله پاڪ جي مدد سان منٽس بہ اشو ٿي ويا ھاڻ روزاني جي بنياد تي آئون سيڪريٽريٽ ويندو آھيان سروس اسٽرڪچر تحت تاريخ ۾ پھريون دفعو سنڌ جي پرائمري استادن کي پراپر سورنھون. سترھون گزيٽيڊ ملڻ وڃي پيو ان لاء ڪافي قانوني معاملات رولز منظوريون قائدا نئين سري سان ٺھندا ان ۾ تقريبن سال کان مٿي ٽائيم لڳي ھا مگر مون سيڪريٽري صاحب کي گذارش ڪئي تہ اسان ايڊمسٽريٽو ڊپارٽمينٽ جيڪي فنانس کي گھربل معلومات انگ اکر يا ڪا لکت گھرجي مھيا ڪري مٿان منظوري وٺي سروس اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کان نوٽيفڪيشن جاري ڪرايون پوء اسان پنھنجو رھيل ڪم ڪري وٺنداسون جنھن بعد سيڪريٽري صاحب چيو بلڪل ائين ٿا ڪيون ۽ سيڪريٽري صاحب ھفتي ۾ ٻه دفعا گھرائي مون کان ايڊيشنل سيڪريٽري صاحب کان معلومات وٺي مڪمل سھڪار ڪري جتي مون کي ضرورت ھوندي سيڪريٽري صاحب پاڻ فون ڪري ھر طرح جو مڪمل سھڪاري آھي، سنڌ جا استاد ساٿيو گذريل اٺھتر سالن ۾ سنڌ جي پرائمري استادن جو ڪو به سروس اسٽرڪچر مستقبل نہ ھيو وڏي جدوجھد جاني مالي پنھنجي حيثيت کان وڌيڪ ڪم ڪري منسٽر صاحب سيڪريٽري صاحب جي مھرباني سان نہ ٿيڻ جوڳو ڪم الله پاڪ طرفان غيبي مدد سان سروس اسٽرڪچر جو نوٽيفڪيشن . ذاتي ڪوشش آهي ھن مھيني جي آخر ۾ يا نومبر جي پھرين ھفتي ۾ جاري ٿئي وڌيڪ الله پاڪ مدد ڪندو، ڪجھ استاد ھٿ وٺي گھر ويٺي سوشل ميڊيا تي چون پيا سروس اسٽرڪچر آسمان تي ھليو ويو ڪوڙ آھي ڊونگ آھي پنج سال ٿي ويا آھن سروس اسٽرڪچر نوٽيفڪيشن جاري نٿو ٿئي انھن دوستن لاء عرض تہ گذريل پنجن سالن کان جيڪي پرائمري استادن جا ليڊر ھيا انھن کان پڇو باقي مون تہ ھن سال 10 فيبروري ڪراچي پريس ڪلب تي سنڌ جي استادن سان گڏجي پنج راتيون پنج ڏينهن احتجاج ڪيو جنھن جو منسٽر صاحب سيڪريٽري صاحب نوٽيس ورتو ۽ وعدو ڪيو تہ سروس اسٽرڪچر سنڌ جي پرائمري استادن جو حق آھي اھو کين ڏياينداسون جنھن بعد ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم سنڌ پ ٽ الف جي ڪيمپ ڪراچي پريس ڪلب تي ھلي آيو ۽ لکت ۾ معاهدو ٿيو جنھن بعد سروس اسٽرڪچرڪاميٽي جا ٻه اجلاس ٿيا مگر ھر دفعي ڪو نه ڪو اعتراض واري اجلاس ملتوي ڪيو ويندو ھيو بعد منسٽر صاحب سيڪريٽري صاحب جي ڪوششن سان ء تعليم کاتي جي سمورن اسپيشل۽ ايڊيشنل سيڪريٽريز صاحبان گڏجي مڪمل تياري ڪري 17 جون تي ٿيندڙ سروس اسٽرڪچرڪاميٽي جي اجلاس مان متفقه منظوري ورتي، دوستو سنڌ جي پرائمري استادن کي سروس اسٽرڪچرمنظوري کانپوء پوء ڪافي پرائمري استادن دشمنن جي پيٽ ۾ وڪڙ پئجي ويا جيڪي ھر وقت فتني کي لڳا پيا آهن انھن سان گڏ اسان جا پنھنجا ڪجھ ويڪائو اڳواڻ پڻ شامل آھن، انشاء الله رب العالمين جي مدد سان سنڌ جي پرائمري استادن سان گڏ آھي گذريل 78 سالن جو خواب جلد ساڀيان ٿيڻ وارو آهي.