English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسلام آباد جي نيشنل پريس ڪلب جو واقعو — اظهارِ راءِ جي آزادي ۽ احتياط جي ضرورت
205 views
|
05th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
راجا غلام رسول اوڍو
اسلام آباد جي نيشنل پريس ڪلب ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعو رڳو ھڪ عمارت يا اداري تي حملو نه ھو، پر ان سان گڏ اسان جي سماجي شعور کي جھنجھڙي وڌو آھي۔ ھي واقعو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اظهارِ راءِ جي آزادي ۽ قومي سلامتي جي وچ ۾ توازن قائم رکڻ ڪيترو نازڪ ۽ ضروري عمل آھي۔ پاڪستان جي صحافتي دنيا هميشه قربانين ۽ مشڪلاتن سان ڀري پئي آھي۔ ھڪ پاسي حڪومتون امن امان قائم رکڻ لاءِ جاکوڙين ٿيون، ته ٻي پاسي صحافي عوامي آواز بڻجي ڏينهن رات ميدان ۾ بيٺل آھن۔ پر جڏھن ھي ٻئي قوتون غلط فهمين يا دٻاءَ جي حالتن ۾ آمهون سامهون اچي وڃن، ته نقصان صرف صحافت يا حڪومت جو نه پر قوم جي اعتماد جو ٿئي ٿو۔ اھو لمحِ فڪريہ آھي ته پريس ڪلب جھڙا ادارا، جيڪي ڳالهه ٻولهه ۽ مفاهمت جا مرڪز ھجن ٿا، تڪرار جو ميدان ڇو بڻجي ويا؟ پوليس جو مؤقف پنهنجي جاءِ تي، صحافين جو درد پنهنجي جاءِ تي ـ پر ضروري اھو آھي ته ٻئي ڌريون ھڪ ٻئي کي سمجهن، ٻڌن ۽ عزت ڏين۔ پريس ڪلب، حڪومت ۽ عوام ـ ھي ٽئي ھڪڙي زنجير جون ڪڙيون آھن، ۽ جيڪڏھن ھڪڙي ڪڙي ڪمزور ٿئي ٿي، ته پورو نظام لرزي ٿو پوي۔ اڄ جي ضرورت آھي ته حڪومت صحافين جي تحفظ لاءِ واضح پاليسي اختيار ڪري، ۽ صحافتي ادارا پڻ پيشه ورانه نظم ۽ ذميواري کي وڌيڪ مضبوط ڪن۔ اسان کي الزام بدران اصلاح جي راهه اختيار ڪرڻي آھي، ڇاڪاڻ تہ ميڊيا جو مقصد دشمني نه پر روشني پکيڙڻ آھي۔ ھي روشني تڏهن قائم رھندي جڏھن حڪومت ۽ صحافت ٻئي ھڪٻئي سان احترام ۽ سمجھداريءَ سان گڏ ھلن۔ نيشنل پريس ڪلب جو واقعو افسوسناڪ ضرور آھي، پر اھو اسان لاءِ ھڪ موقعو به آھي ـ موقعو انھيءَ ڳالهه جو ته اسين پنھنجو نظام بھتر ڪريون، ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏيون، ۽ ان يقين کي ٻيهر زنده ڪريون ته قلم ۽ قانون ٻنهي جو مقصد عوام جي خدمت آھي۔ اسين سڀ ھڪڙي ئي رستي جا مسافر آھيون۔ جيڪڏهن صحافي محفوظ ھوندو، ته ملڪ باخبر رهندو۔ ۽ جيڪڏھن حڪومت بااعتماد ھوندي، ته قلم وڌيڪ مضبوط لکندو۔ اھو توازن ئي پرامن، باوقار ۽ روشن پاڪستان جي ضمانت آھي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اسلام آباد جي نيشنل پريس ڪلب جو واقعو
راجا غلام رسول اوڍو
0 تبصرے