کھڙا ۾ اڄڻ - ڪليري خوني تڪرار ۾ ٺاپر نه آئي، ڏريون مورچا بند

3ڏينهن اڳ قتل ٿيل رستم اڄڻ جو ڪيس سندس ڀائٽي امام الدين اڄڻ جي فرياد تي 17 جوابدارن خلاف داخل

کھڙا ۾ اڄڻ - ڪليري خوني تڪرار ۾ ٺاپر نه آئي، ڏريون مورچا بند

ڱمبٽ (زوھيب سمون )کھڙا ۾ اڄڻ ڪليري خوني تڪرار ۾ ٺاپر نه آئي، ڏريون مورچا بند، ٽه ڏينهن اڳ جهيڙي ۾ اڄڻ برادريء جو قتل ٿي ويل مقتول رستم علي اجڻ جي قتل جو ڪيس کھڙا ٿاڻي تي مقتول جي ڀائٽي امام الدين اڄڻ جي فرياد تي ڪليري برادري جي 17 جوابدارن سلطان ڪليري، فاروق احمد ڪليري، دلبر ڪليري، عطا حسين ڪليري، ماجد علي، اصغر علي، غلام مرتضي، ذاڪر، شفيق، غلام النبي، عمران علي، ممتاز علي، دلدار، تسليم عرف نصير سڀ ذات ڪليري ۽ ٽه نامعلوم جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي سڀ ڊويزن گمبٽ جي مختلف ٿاڻن کھڙا، گمبٽ، راڻي پور، ٻهارو، ٽنڊو مستي ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس مقتول مسعود ڪليري جي قتل ڪيس ۾نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اڄڻ برادريء جي سردار ميان علي ڏنو جي اوطاقن تي ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي آخري اطلاعن تائين پوليس کي ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي،