English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي شاھ لطيف ٽائون ۾ بدامني خلاف شهرين جي امن ريلي
64 views
|
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
بدامني ۽ منشيات جي واپار جهڙن مسئلن شهرين جو ساھ سڪائي ڇڏيو آهي: اڳواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاھ لطيف ٽائون ۾ وڌندڙ بدامني، ڏوهاري سرگرمين ۽ عوامي مسئلن خلاف شهرين پاران وڏي پيماني تي امن ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ مختلف علائقن مان آيل وڏي انگ ۾ مرد، عورتن ۽ نوجوانن شرڪت ڪئي. شهرين ايڊووڪيٽ اعجاز منگي جي اڳواڻي ۾ امن ريلي ڪڍي وئي جنهن دوران شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي “امن قائم ڪريو”، “شاھ لطيف ۾ امن امان بحال ڪيو” جهڙا نعرا هنيا شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته شاھ لطيف ٽائون ۾ بدامني سبب رهواسي سخت پريشانيءَ ۽ خوف واري فضا ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ڏوهاري سرگرمين، ڦرن، چورين ۽ منشيات جي واپار جهڙن مسئلن شهرين جو ساھ سڪائي ڇڏيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته علائقي ۾ قانون نافذ ڪندڙ ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن عام ماڻهو بنا خوف جي جيئڻ جي قابل ٿي سگهن.شرڪت ڪندڙ شهرين جو مطالبو هو ته فوري طور تي شاھ لطيف ٽائون ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪئي وڃي، پوليس جو گشت وڌايو وڃي، ڏوهارين خلاف ڪاروائيون تيز ڪيون وڃن ۽ بنيادي عوامي مسئلا حل ڪيا وڃن ته جيئن رهواسين کي سک جو ساھ ملي سگهي ايڊووڪيٽ اعجاز منگي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته علائقي جي عوام پنهنجي حقن ۽ امن لاءِ گڏ آهي، ۽ هو وقتي ڪارروائين بدران مستقل حل جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير جي شاھ لطيف ٽائون
ملير
شاھ لطيف ٽائون ۾
0 تبصرے