سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن جي ناجائز ڪٽوتي خلاف سموري سنڌ جي اندر سرڪاري ملازمن پنهنجو پرامن احتجاج جاري رکيو آهي، سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن بابت هڪ کليل حقيقت هي آهي ته ته جڏهن پوري پاڪستان جي اندر پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخوا توڙي آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ قبائلي علائقن جا سرڪاري ملازم به پنهنجي نوڪري دوران انهن سرڪاري ملازمن جي مختلف مراعتن، سهولتن، جهڙوڪ الائونسز وغيره ۽ ٻين مدن ۾ گڏ ڪيل بقايا سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ڪٽيل رقم جي باقي ڪموتيشن جي رقم جيڪا 65 سيڪڙو ملڻ گهرجي انهي جي جاء تي 31 آگسٽ کان اڳ رٽائرمينٽ وٺندڙ لاءِ سنڌ حڪومت 15 سيڪڙو ڏيڻ واري اعلان کانپوءِ نه رڳو هڪ علائقي، هڪ شهر بلڪ پوري سنڌ جي هر طرف کان هرهڪ سرڪاري ملازم پنهنجي مستقبل لاءِ شديد ترين پريشاني جي ور چڙهي ويو آهي ۽ اڪثر سرڪاري ملازم پنهنجي عمر رٽائرمينٽ کان اڳ ئي رٽائرڊ ٿيڻ لاءِ درخواستون ڏيئي چڪا آهن جن جو 30 هزار کان وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو، آخر ڪهڙي شامت ڪري اهي پنهنجي حڪومت مٿان جو رڳو سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي بي يارو مددگار ڪري ڦٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟، سنڌ جي حڪومت پاڻ خوشامد ڪرڻ لاءِ هي ناٽڪ ڪري رهي آهي، ٻيو ڪجهه به ناهي جيڪڏهن آء ايم ايف جي ڳالهه هجي ها ته پوءِ وڏي صوبي پنجاب جي آبادي ملڪ جي چئني صوبن کان وڌيڪ آهي ۽ اڳ م اهي ڪن ها ته سمجهو وڃي ها ته ٻيلي پوري ملڪ جي سمورن سرڪاري ملازمن جي پينشن جي ڪٽوتي جو عمل شروع ڪيو ويو آهي پر نه صرف ۽ صرف هي شامت مصيبت سنڌ صوبي جي سرڪاري ملازمن لاءِ نام نهاد انداز م تيار ڪئي وئي آهي، جنهن تي سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي وسيع تر پليٽ فارم تان سنڌ جي سمورن سرڪاري ملازمن جي سنڌ ايمپلائيز الائنس جي چيئرمين حاجي اشرف علي خاصخيلي صاحب جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي سمورن ضلعن، ڊويزنن ۾ ملازم اتحاد ڪنوينشن ڪيا ويا ۽ اتي ضلع هيڊ ڪوارٽرن ۾ پرامن احتجاج ڪيا ويا ۽ 23 سيپٽمبر کان 27 سيپٽمبر تائين ادارن، آفيسن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين سميت سمورن چاليهه کن سرڪاري کاتن ادارن جي آفيسن دفترن جي تالا بندي ڪرڻ جو عمل جاري رکيو ويو آهي، سنڌ ايمپلائيز الائنس جي چيئرمين حاجي اشرف خاصخيلي جو چوڻ آهي ته مرڪزي قيادت جي فيصلي مطابق 23 کان 27 سيپٽمبر تائين هرهڪ سرڪاري کاتي جي مڪمل تالا بندي شروع ڪئي ويندي جڏهن ته 6 آڪٽوبر سومر تي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ بلال هائوس سامهون سموري سنڌ جا هزارين نه پر لکين سرڪاري ملازم پرامن احتجاجي ڌرڻو هڻندا، انهيءَ سلسلي ۾ مانجھي مڙس حاجي اشرف خاصخيلي جو چوڻ آهي ته هڪ رياست ۾ ٻه دستور قانون نامنظور آهن، رڳو سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن جي ناجائز ڪٽوتي ڪرڻ واري عمل کي اسان نٿا مڃون، اسان جو مطالبو آهي ته پينشن جي رولز اصلاحات جي نالي ۾ ڪارو قانون ڪڏهن به قبول ناهي، ڊسپئرٽي الائونس 50 سيڪڙو ڏنو وڃي، گروپ انشورنس، بينوولنٽ فنڊ رٽائرمينٽ جي وقت ڏنو وڃي، موجوده مهانگائي جي حساب سان پگهارن ۾ 70 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي، هن چيو ته ظلم کي اسان نه مڃينداسين ۽ ڪاري قانون جي واپس ڪرڻ تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي، سنڌ ايمپلائيز الائنس جي حاجي اشرف خاصخيلي وڏي واڪي چيو ته سنڌ جا سمورا سرڪاري ملازم 6 اڪٽوبر سومر ڏهاڙي تي يارهين وڳي ڪراچي م بلاول هائوس سامهون پهچي يڪجھتي ٻڌي ايڪي اتحاد جو اظهار ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته سنڌ جي سمورن سرڪاري ملازمن سميت انهن جي فيمليز خاندانن ڪرورين عوام انسانن جو معاشي قتل عام جو انيڪ معاملو آهي، سنڌ جي سمورن باشعور ملازمن کي پنهنجي قومي غيرت جو مظاهرو ڪندي هر وک ڪراچي ڏانهن وڌائڻ گهرجي جيئن ملازمن ۽ انهن جي خاندانن جو مستقبل محفوظ بڻجي سگهي. سنڌ جا سرڪاري ملازم پنهنجي جائز حقن ملازمن پنشن ۾ ڪٽوتي ختم ڪرڻ، ڊي آر اي الاونس ڏيڻ، گروپ انشورنس جي رقم ريٽائرمينٽ بعد فوري طور تي جاري ڪرڻ، بينيويلينٽ فنڊ ۽ ٻين جائز حقن جي حاصلات لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي، سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن جي ناجائز ڪٽوتي خلاف ملازمن جي جدوجهد جاري آهي ۽ گذريل هڪ مهيني کان پرامن احتجاج ڪيو پيو وڃي پر سنڌ سرڪار جي ڪن تي جوء ئي نٿي چري، هي پاڪستان جي اندر ڪهڙو قانون آهي جو پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ سرڪاري ملازمن کي پوري خاندان ٻارن ٻچن نياڻين سميت اڳ جيان مڪمل پينشن ملي رهي آهي پر سنڌ جي حڪومت مڙيئي پاڻ وڻائڻ لاءِ سنڌ جي لکين سرڪاري ملازمن سميت انهن جي ڪروڙين خاندانن کي ذهني ٽارچر ڏيڻ لاءِ رياستي داداگيري ڏاڍ مڙسي ڪندي سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن جي ناجائز ڪٽوتي ڪري ڪروڙين عوام جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن جي ناجائز ڪٽوتي وارو ڪارو قانون واپس نه ورتو ويو ته پوءِ ضرور مجبورن سرڪاري ملازم 6 آڪٽوبر سومر ڏهاڙي ڪراچي ۾ دما مست قلندر ڪندا ۽ ڪراچي جي هر پاسي هر روڊ رستي ڏانهن صرف سرڪاري ملازم پنهنجي حقن جي حاصلات لاء ميدان ملهائيندا. لک شاباس آهي سنڌ ايمپلائز الائنس جي چيئرمين حاجي اشرف خاصخيلي کي جنهن ڪنهن به پريشر دٻاء جي ڪا به پرواهه نه ڪندي وڏي تاريخي اجتماعي پوري سنڌ جي لکين ملازمن جي مستقبل بچائڻ لاءِ مانجھي مڙس ٿي ڪري پاڻ ملھايو آهي. جنهن تي سڄي سنڌ اعتماد ڪري خراج تحسين پيش ڪري رهي آهي، هن وقت پوري سنڌ جي اندر صرف ۽ صرف سرڪاري ملازمن جي پينشن جي پوري مڪمل ڏيڻ ۽ اڳ جيان سرڪاري ملازمن ۽ انهن جي اولاد ۾ غير شادي شده نياڻين ، بيواھ گهر واري کي پينشن ڏيڻ واري ڳالھ ڪئي پئي وڃي. پر هڪ ڳالهه ياد رکي ويندي ته جيڪا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي پ پ پ هئي انهيءَ ته سدائين نوجوانن بيروزگارن کي روزگار ڏيڻ چلها ٻارڻ جي ڳالھ ڪئي پر اڄوڪي پاڪستان پيپلزپارٽي پ پ پ ڪيڏانهن پئي وڃي ۽ اهي پنهنجي حقيقي عوام کي نظر انداز ڪري انھي خوش فهمي ۾ رهي آهي ڇا ته سدائين فارم 47 تحت انهن جو جياپو رهندو ۽ عوام جي ووٽ، عوام جي راء بنا اهي سدائين ايوانن ۾ رهندا وقت ۽ حالتن بدلجندي دير نٿي لڳي ڪالهوڪو ڏينهن آهي جيڪي اقتدار اعلي جي مالڪي ۽ مڪو ڏيکاري ڪراچي جا چيمپئين چورائيندا هئا نام نهاد ڪٿي بچيا آهن. عروج کي زوال ته اچڻو آهي ۽ اقتدار جي بدمست نشي ۾ پنهنجي عوام سو به سرڪاري ملازمن جي مستقبل سان کيڏڻ بند ڪيو وڃي.
0 تبصرے