ڪئنال، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا سنڌ دشمن آھن. پ پ پ حڪومت جي ايجنڊا تي صرف اقتدار ۽ ڪرپشن آھي
حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ گرين پاڪستان سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضي جو منصوبو آھي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جو سنڌ دشمن منصوبو جوڙيو ويو آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا برداشت نہ ڪيا ويندا اياز لطيف پليجي چيو ڪئنال، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا سنڌ دشمن آھن. پ پ پ حڪومت جي ايجنڊا تي صرف اقتدار ۽ ڪرپشن آھي. سنڌي ماڻھو پنھنجي درياھ، زمينن ۽ ڌرتي کي بچائڻ لاءِ رت آخري ڦڙي تائين وڙھندا ھي نسلن جي جنگ آھي. پيپلز پارٽي ٻھروپي آھي. پيپلز پارٽي اقتدار عيوض سنڌو درياھ، زمينون، ٻيٽ، جبل، ڪارونجهر ڍنڍون ڍنڍورو ۽ وسيلا وڪڻي ڇڏيا آھن. پيپلز پارٽي ڪئنالن جي معاملي تي قوم سان فراڊ ڪيو آهي. ڪئنال ٺاهڻ جو اختيار سي سي آءِ کي ڏيڻ دوکو آھي. سي سي آئي ۾ پنجاب جي هڪ هٺي آهي، پيپلز پارٽي سي سي آءِ جو ڊرامو رچائي سنڌي قوم جي جدوجهد کي ختم ڪيو، سي سي آئي ۾ مستقل پنجاب جي اڪثريت آهي، پنجاب يا وفاق ڪا به ايجنڊا رکندو، سنڌ جي اعتراض باوجود اها منظور ٿي ويندي، سي سي آءِ جي هن جوڙجڪ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان وفاق يا پنجاب جو ڪو بہ منصوبو رد نٿا ڪرائي سگهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان ڪو فتح ڪيل علائقو ناھيون جو سدائين اوھان جا غلام بڻجي جيئون، سنڌين ھاڻ تابعداري جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون آھن. حڪمرانن کي سمجھڻ گھرجي تہ انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جنھنڪري ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جيڪڏھن ڊيم ياڪئنال ٺھي ويا تہ سنڌ تباھ ٿي ويندي.
0 تبصرے