English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ جي تعليم جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
152 views
|
23rd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجو آغا خان اسڪول حيدرآباد جي سالياني ايوارڊ تقريب ۾ خاص مھمان طور شرڪت ڪئي
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو آغا خان اسڪول مبارڪ ڪالوني حيدرآباد جي سالياني ايوارڊ تقريب ۾ مھمان خاص طور شرڪت ڪئي. شاگردن، شاگردياڻين ۽ ٽيچرز ۾ کي بھترين ڪارڪردگي تي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا. ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ جي تعليم جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. نصاب ۾ سائنس ۽ تاريخ ناهي اسان جو تعليمي نصاب جديد ، انسان دوست ۽سائنسي ھجڻ گهرجي. سنڌ جي پرائمري تعليم تباھ آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ نياڻين کي اعلي تعليم کانسواءِ اسين ترقي نٿا ڪري سگھون. نياڻين کي غلام ۽ ملڪيت سمجھندڙ قومون ھميشه غلام رھن ٿيون. نياڻيون دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت آھي، سنڌ ۾ نياڻين سان غلامن جھڙو سلوڪ آھي، نياڻين کي اغوا ۽ قتل ڪيو وڃي ٿو، نياڻين کي بنيادي انساني حق، تعليم ۽ برابري سان سنڌ ترقي ڪندي.سنڌ جي ھر نياڻي تعليمي يافتہ ھجي ۽ سنڌ ۾ علم جي روشني ھجي. نوجوان ميرٽ ذريعي اڳتي وڌڻ. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان کي سڄي دنيا سان گڏ هلڻ گهرجي، جي ڪڏهن اسان اڪيلو آهيون تہ اسان تباھ ٿي وينداسين. شاگردن کي مايوسي ۽ خيالي دنيا مان نڪري حقيقي سائنسي دنيا ۾ اچڻو پوندو. ڊاڪٽرن، استادن ۽ انجنيئرن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق ڏانهن ھم آھنگ ٿيڻو پوندو. شاگرد ۽ شاگردياڻيون سنڌ ۽ ملڪ ۾ تعليم، امن ۽ صحت لاءِ ڪردار ادا ڪن. پاڪستان جي ڪا بہ يونيورسٽي دنيا جي نامور يونيورسٽين ۾ شامل ناهي.اڄ سنڌ پاڪستان ۾ شاگرد ۽ نوجوان سڀ کان وڌيڪ پريشان آهن. پاڪستان ۾ سموريون حڪومتون شاگردن ۽ عورتن کي حق ڏيڻ ۾ ناڪام ويون آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ تعليمي ادارن جي حالت رحم جوڳي آهي شھرن جي اسڪولن جي بيٽ ۾ ٻھراڙي جي تعليم پٺتي پيل آهي، سنڌ جو ھر نوجوان تعليم يافته ھجي ۽ سنڌ ۾ علم جي روشني ھجي. سنڌ جي ترقي بي پناھ محنت ۽ تعليم سان ئي ممڪن آهي. دهشتگردي ۽ جهالت ايشيا جي معاشي ۽ سماجي قدرن کي تباھ ڪيو آھي. رواداري، برابري ۽ امن سان پاڪستان کي ڪامياب بڻائڻو پوندو. سنڌ ۾ روزگار جا موقعا ختم ٿي رهيا آهن، تعليم تباھ ٿي رهي آهي. شاگردن کي حقيقي سائنسي دنيا مان آڻڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ شاگرد سماج جي بي پناھ سگھ ۽ اھڙي طاقت آھن جيڪي ظلمت آڏو بيھي رھن تہ ناقابل شڪست بنجي وڃن ٿا۔ ميرٽ ناھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ تعليمي ادارا ڪرپٽ ماڻھن وٽ يرغمال آھن. سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي۔ ادارن کي تباھ ڪيو پيو وڃي۔ سفارش ۽ رشوت کي ڪلچر بنايو ويو آھي۔ حڪمرانن پنھنجي ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ لاء سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن جي شاگردن کي سياست کان پري ڪري ڇڏيو آھي شاگردن جي سجاڳي ۽ ليڊرشپ جي ضرورت آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ لکين ٻار جبري پورهيو ڪن ٿا، 6 ملين ٻار اسڪول کان ٻاهر تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن. پرائمري تعليم کي هٿ وٺي تباھ ڪئي وئي آهي، سنڌ ۾ سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي تعليم جو رواج ئي ناهي، ميرٽ جي لتاڙ، تعليم دشمن پاليسين، ڪميشن جي امتحانن ۾ ڪرپشن، نوڪريون جو وڪرو ڪيون وڃن ٿيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
اسڪول حيدرآباد جي سالياني ايوارڊ ت
حيدرآباد
0 تبصرے