English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ جي تعليم جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
views
|
23rd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجو آغا خان اسڪول حيدرآباد جي سالياني ايوارڊ تقريب ۾ خاص مھمان طور شرڪت ڪئي
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو آغا خان اسڪول مبارڪ ڪالوني حيدرآباد جي سالياني ايوارڊ تقريب ۾ مھمان خاص طور شرڪت ڪئي. شاگردن، شاگردياڻين ۽ ٽيچرز ۾ کي بھترين ڪارڪردگي تي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا. ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ جي تعليم جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. نصاب ۾ سائنس ۽ تاريخ ناهي اسان جو تعليمي نصاب جديد ، انسان دوست ۽سائنسي ھجڻ گهرجي. سنڌ جي پرائمري تعليم تباھ آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ نياڻين کي اعلي تعليم کانسواءِ اسين ترقي نٿا ڪري سگھون. نياڻين کي غلام ۽ ملڪيت سمجھندڙ قومون ھميشه غلام رھن ٿيون. نياڻيون دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت آھي، سنڌ ۾ نياڻين سان غلامن جھڙو سلوڪ آھي، نياڻين کي اغوا ۽ قتل ڪيو وڃي ٿو، نياڻين کي بنيادي انساني حق، تعليم ۽ برابري سان سنڌ ترقي ڪندي.سنڌ جي ھر نياڻي تعليمي يافتہ ھجي ۽ سنڌ ۾ علم جي روشني ھجي. نوجوان ميرٽ ذريعي اڳتي وڌڻ. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان کي سڄي دنيا سان گڏ هلڻ گهرجي، جي ڪڏهن اسان اڪيلو آهيون تہ اسان تباھ ٿي وينداسين. شاگردن کي مايوسي ۽ خيالي دنيا مان نڪري حقيقي سائنسي دنيا ۾ اچڻو پوندو. ڊاڪٽرن، استادن ۽ انجنيئرن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق ڏانهن ھم آھنگ ٿيڻو پوندو. شاگرد ۽ شاگردياڻيون سنڌ ۽ ملڪ ۾ تعليم، امن ۽ صحت لاءِ ڪردار ادا ڪن. پاڪستان جي ڪا بہ يونيورسٽي دنيا جي نامور يونيورسٽين ۾ شامل ناهي.اڄ سنڌ پاڪستان ۾ شاگرد ۽ نوجوان سڀ کان وڌيڪ پريشان آهن. پاڪستان ۾ سموريون حڪومتون شاگردن ۽ عورتن کي حق ڏيڻ ۾ ناڪام ويون آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ تعليمي ادارن جي حالت رحم جوڳي آهي شھرن جي اسڪولن جي بيٽ ۾ ٻھراڙي جي تعليم پٺتي پيل آهي، سنڌ جو ھر نوجوان تعليم يافته ھجي ۽ سنڌ ۾ علم جي روشني ھجي. سنڌ جي ترقي بي پناھ محنت ۽ تعليم سان ئي ممڪن آهي. دهشتگردي ۽ جهالت ايشيا جي معاشي ۽ سماجي قدرن کي تباھ ڪيو آھي. رواداري، برابري ۽ امن سان پاڪستان کي ڪامياب بڻائڻو پوندو. سنڌ ۾ روزگار جا موقعا ختم ٿي رهيا آهن، تعليم تباھ ٿي رهي آهي. شاگردن کي حقيقي سائنسي دنيا مان آڻڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ شاگرد سماج جي بي پناھ سگھ ۽ اھڙي طاقت آھن جيڪي ظلمت آڏو بيھي رھن تہ ناقابل شڪست بنجي وڃن ٿا۔ ميرٽ ناھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ تعليمي ادارا ڪرپٽ ماڻھن وٽ يرغمال آھن. سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي۔ ادارن کي تباھ ڪيو پيو وڃي۔ سفارش ۽ رشوت کي ڪلچر بنايو ويو آھي۔ حڪمرانن پنھنجي ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ لاء سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن جي شاگردن کي سياست کان پري ڪري ڇڏيو آھي شاگردن جي سجاڳي ۽ ليڊرشپ جي ضرورت آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ لکين ٻار جبري پورهيو ڪن ٿا، 6 ملين ٻار اسڪول کان ٻاهر تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن. پرائمري تعليم کي هٿ وٺي تباھ ڪئي وئي آهي، سنڌ ۾ سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي تعليم جو رواج ئي ناهي، ميرٽ جي لتاڙ، تعليم دشمن پاليسين، ڪميشن جي امتحانن ۾ ڪرپشن، نوڪريون جو وڪرو ڪيون وڃن ٿيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Oct 2025
•
سندھ
گمبٹ: گورنمنٹ ہائر سیکنڈری اسکول وڈا لاکها کی عمارت کا کام التوا کا شکار، طلبہ تعلیم سے محروم
21st Oct 2025
•
تازہ ترین
پیپلز پارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی آغا سراج درانی کے انتقال پر ان کے بیٹے آغا شہباز درانی سے تعزیت
21st Oct 2025
•
تازہ ترین
خیرپور میں دلخراش واقعہ: خاتون نے شوہر، تین بیٹوں اور بیٹی کو قتل کر کے خودکشی کر لی
21st Oct 2025
•
پاکستان
مولانا محمد خان شیرانی نے 92 سال کی عمر میں دوسری شادی کر لی
21st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان 3 ڄڻا قتل، عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي
21st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ ڊينگي ۽ مليريا جي مريضن ۾ اضافو, سرڪاري اسپتالن جي کوٽ سبب مريض سخت پريشان
21st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: جهرڪ ويجهو بي آءِ ايس پي عملي کان 40 لک رپيا مبينا ڦر
21st Oct 2025
•
سندھ
گمبٹ: گورنمنٹ ہائر سیکنڈری اسکول وڈا لاکها کی عمارت کا کام التوا کا شکار، طلبہ تعلیم سے محروم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
اسڪول حيدرآباد جي سالياني ايوارڊ ت
حيدرآباد
0 تبصرے