پنجاب صوبي جي ممڙ رند بلوچ خاندان غالباً 1467ع ڌاري ڪبير والا شهر (جيڪو 1937ع کان اڳ ضلع خانيوال جو صدر مقام هو.) مان لڏي اچي سنڌ ۾ رهائش پذير ٿيو. انهيءَ خاندان مان محمد حسن ولد الله بخش نالي شخص جي ملڪيت ۾ رهندڙ، قرآن مجيد سنه 1272ھ مطابق 56 - 1855ع، سندس اولاد وٽ ڪنڊياري تعلقي ۾ موجود آهي، جنهن جو ترقيمو هن ريت آهي:
هر کند خدا کند - بنده ضعيف چه کند
مالکه محمد حسن ولد الله بخش قوم ممڙ
ديگره چه دعويٰ کند، دعويٰ او باطل و نامسموع است. سنه 1272ھ، انهيءَ کان علاوه هيٺين عبارت پڻ لکيل آهي: هُوَالکافي اوَّل فرد: هرچه داري صرف کنم در، لن تنالواالبر حتيٰ تنفقوا ثانيه الحال مالک اين مصحف مجيد و فرقان حميد الهرکيه ولد محمد خان قوم ممر، هرکه غير او دعويٰ کند، کاذب و نامسموع است. سنه 1272ھ، سرائي محمد حسن ممڙ کي ٻه پٽ: هڪ ڳهڻو خان ۽ ٻيو لهڻو خان پيدا ٿيا. سندس وڏو پٽ ڳهڻو خان هتي ئي ڏوڪري تعلقي ۾ رهيو، باقي سندس ننڍو پٽ لهڻو خان درياھ جن هن پار يعني کاٻي پاسي ڪنڊياري تعلقي ۾ وڃي رهيو ۽ سندس اولاد مان امام بخش ولد سالار خان ممڙ ۽ علي بخش، فضل محمد ٻئي پٽ محمد خان ممڙ جا مشهور زميندار هئا. سرائي ڳهڻو خان ممڙ هتان جو مشهور زميندار ٿي گذريو آهي، کيس هڪ پٽ علي بهادر خان نالي هو، جيڪو انگريزن جي دؤر ۾ سٺو زميندار هو، جنهن کي وري هڪ پٽ خير محمد خان پيدا ٿيو. خانبهادر سرائي خيرمحمد خان ممڙ ، سرائي خير محمد خان ولد سرائي علي بهادر خان ممڙ، انگريزن جي دؤر جو مشهور ماڻهو هو، جنهن کي انگريز سرڪار نه رڳو ”خانبهادر“ جي لقب سان نوازيو هو پر کيس پرائيويٽ جيل رکڻ جي منظوري پڻ ڏني هئائون. خانبهادر خيرمحمد خان ممڙ پنهنجي وقت ۾ عدل ۽ انصاف ڪرڻ ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. کيس هڪ پٽ فريد خان هو، جيڪو پڻ سٺو زميندار هو.
سرائي نبي بخش ممڙ، سرائي نبي بخش خان، سرائي فريد خان ممڙ جي گهر ۾ پيدا ٿيو، جيڪو غريب پرور ۽ هارين جو هڏ ڏوکي هو. هو ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ اڳ کان اڳرو رهيو هو. اهوئي سبب آهي جو هر عام و خاص ماڻهو اڄ به سندس ڳڻ ڳائيندو رهي ٿو. سندن هارين ۾ کيڙا، ميربحر ۽ موچي (چنه) هوندا هئا. انهن جي غميءَ وارين رسمن ۾ توڙي شادي جي ڪاج وغيره ۾ دل کولي مالي مدد ڪندو هو. کيس انگريز سرڪار طرفان ماجسٽريٽ وارو منصب پڻ مليل هو. سندس عدل ۽ انصاف به تر ۾ گھڻو مشهور هو. سندس زمينداري تقريباً ڏھ هزار ايڪڙن تي مشتمل هئي. مختيارڪار لب درياھ طرفان جاري ٿيل ”اجازت نامون“ جو نقل اسان جي نظر مان گذريو آهي، جنهن جو متن هن ريت آهي: اجازت نامون نبي بخش پٽ فريد ممڙ ويٺل ڳوٺ ويهڙ تعلقه لب درياھ ضلع شڪارپور جي کي ضلع شڪارپور، تعلقه لب درياھ جي ديھ ويهڙ ۾ سروي نمبر 32 جنهن جي ايراضي 9 ايڪڙ 10 گھڻٽا آهي ۽ سروي نمبر 114 جي آباد ڪرڻ جي اجازت ڏجي ٿي.
Leykan josefsthal Craz
مُهر
مختيارڪار تعلقه لب درياھ
خانداني روايت موجب سرائي نبي بخش ممڙ جي پير آف راڻيپور، غازي احمد شاھ سان تمام سٺي دوستي هئي ۽ نبي بخش جو پنهنجي هٿ سان لکيل قرآن مجيد راڻيپور جي پيرن وٽ موجود چيو وڃي ٿو. سندس نالي سان ڳوٺ نبي بخش ممڙ ديھ ويهڙ جي نقشي تي موجود آهي، ليڪن هن وقت سندس اولاد ويهڙ شهر ۾ رهائش پذير آهي. سرائي خان محمد ممڙ، سرائي خان محمد ولد سرائي نبي بخش خان ممڙ، پنهنجي اباڻي ڳوٺ نبي بخش ممڙ ۾ پيدا ٿيو. هي ان دؤر جي رواج موجب پڙهيو لکيو شخص ۽ پنهنجي تر جو وڏو زميندار هو، جنهنڪري ان دؤر ۾ انگريز سرڪار طرفان جيڪا به دربار لڳندي هئي يا ڪو فلاحي ڪم جو پروگرام ٿيندو هو ته کيس خاص دعوت سان نوازيندا هئا. اهڙا دعوت نامه سال 1912ع، 1916ع، 1922ع ۽ 1930ع جا سندس اولاد سرائي سعيد احمد ممڙ ويهڙ واري وٽ موجود آهن. مثال طور هڪ جو نقل هيٺ ڏجي ٿو ته جيئن تاريخ ۾ يادگار رهي:
A Darbar will be held by the (Commissioner in Sindh) on the ist November 1912 at 5 p. m. in the Homestead Hall Hyderabad for the Presentation of titles, honour and rewards Mr: Khan Muhammad Mamar sub. Is hereby invited by the Collector of Hyderabad is be a Spectator of the ceremony.
12 Octuber 1912.
C. H. Blalhwayt,
Collectar of Hyderabad.
ماستر ستار بخش ممڙ
ماستر ستار بخش ولد خان محمد ممڙ، پهرين جون 1937ع تي پيدا ٿيو. هو پهريائين کيڙا اسڪول ۾ پڙهيو ۽ پوءِ 1947ع ۾ اسڪول ويهڙ ۾ چوٿين درجي ۾ داخل ٿيو. سرائي ستار بخش سنڌي فائينل پاس ڪري پرائمري ماستر ٿيو. کيس چار فرزند: هڪ ماستر خان محمد، ٻيو ماستر نبي بخش، ٽيون خيرمحمد (وفات: 8 آگسٽ 2008) ۽ چوٿون فريد خان پيدا ٿيا. ماستر ستار بخش ممڙ سومر جي ڏينهن، 11 ذوالقعد 1416ھ مطابق پهرين اپريل 1996ع تي وفات ڪري ويو. ماستر خان محمد ممڙ
ماستر خان محمد ممڙ، تاريخ 18 آڪٽوبر 1964ع تي پيدا ٿيو. هو علم جي فراغت کان پوءِ 28 آڪٽوبر 1985ع تي پرائمري ماستر مقرر ٿيو، سندس پهرين پوسٽنگ پرائمري اسڪول وڏي وهڻي ۾ ٿي. سال 1995ع ۾ پي ٽي سي ڪورس پڻ ڪيائين. هن باڊھ، ميهڙ، دوست علي ڪلهوڙو اسڪولن ۾ پنهنجي سرڪاري ڊيوٽي سرانجام ڏني ۽ آخر ۾ پرائمري اسڪول راوت کيڙو مان رٽائرمينٽ ورتائين. ماستر خان محمد ممڙ، هڪ انسان دوست ۽ خدا جي مخلوق سان محبت رکندڙ شخص هو. هو انسانذات جي ڀلائي ۽ چڱائي جي ڪم ۾ سڀ کان اڳرو هوندو هو، سخاوت ۽ ايمانداريءَ ۾ پنهنجو مثال پاڻ هو. هي بهترين پرائمري استاد هو، سندس علم جي مشعل مان جن به روشني ورتي سي وڃي اعليٰ عهدن تي پهتا. پاڻ اميرن ۽ زميندارن واري زندگي ترڪ ڪري سادگيءَ واري زندگي اختيار ڪيائين. مشهور خانداني روايت آهي ته هڪ ڀيري هي پنهنجي والد صاحب سان گڏجي درگاھ سيوهڻ شريف حضرت شيخ محمد عثمان مروندي المعروف قلندر لعل شهباز جي زيارت تي ويو، اتي زيارتي ماڻهن جي رش دوران هڪ پين اچي سندس خيسي ۾ پئي. پاڻ اها پين کڻي مرحوم عالم چنه، جيڪو پنهنجي وقت ۾ دنيا جو ڊگھي قد طور مشهور ۽ قلندر لعل جو فقير هوندو هو، تنهن کي ڏنائين ته قلندر جي صحن ۾ هن پين بابت اعلان ڪر ته جنهن به شخص جي هجي سو اچي وٺي. مرحوم عالم چني اها پين هٿ ۾ کڻي ڪيترائي ڀيرا اعلان ڪيو پر ڪنهن به پنهنجي نه ڪئي. آخر هن خان محمد ممڙ کي واپس ڪندي چيائين ته هي قلم وٺ توکي قلندر ڏنو آهي. سرائي خان محمد ممڙ پنهنجي سڄي زندگي انسان ذات جي ڀلائي وارن ڪمن ۾ گذاري ڇڏي. هن سخاوت ۽ مهربانين جا اهڙا مثال قائم ڪيا جو اڄ به ماڻهو خان محمد جو نالو ٻڌي، ٿڌا ساھ ۽ سڏڪا ڀري اکين مان لڙڪ وهائن ٿا.
سرائي خان محمد ممڙ کي پنج پٽ: هڪ سعيد احمد، ٻيو نويد احمد، ٽيون عاشق علي، چوٿون معشوق علي ۽ پنجون ستار بخش عرف ڏاڏو پيدا ٿيا. سرائي خان محمد ممڙ، اڱاري جي ڏينهن، تاريخ 5 ربيع الاول 1446ع مطابق 9 سيپٽمبر 2024ع تي هن فاني دنيا کي الوداع ڪري وڃي، بقا جي جھان ۾ پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. سندس اولاد هن وقت ويهڙ شهر ۾ سٺا زميندار ۽ انسان دوست سوشل ورڪر طور تر ۾ مشهور آهن. هن خاندان جا ٻيا فرد گل محمد ممڙ ولادت 1875ع، حضور بخش ولد خان محمد ممڙ ولادت پهرين جنوري 1920ع ۽ الله بخش ولد شير محمد ممڙ، جنم 20 آگسٽ 1945ع پڻ مشهور فرد هئا.
0 تبصرے