English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪلچر کاتو سنڌي فنڪار جي مالڪي ڪري، ٻي صورت ۾ رستن تي نڪرنداسين:ايوب گل
views
|
16th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پاڻي هاڻ سر کان مٿي نڪري چڪو آهي(نسرين ناز) ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي فنڊن جو آڊٽ ڪرائي وڃي:منور جوڻيجو
ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ ميلوحا آرٽ سرڪل جي اهم گڏجاڻي منعقد ٿي، جنهن جي صدارت مرڪزي صدر ۽ نامور ليکڪ ايوب گل ڪئي۔ گڏجاڻي ۾ فن، فنڪار ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي سطح تي جائز مقام ڏيڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا۔ گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ثقافت کاتي کي تفصيلي يادداشت نامو پيش ڪيو ويندو، جنهن ۾ سنڌي فن ۽ فنڪارن سان لاڳاپيل اهم مطالبا شامل آهن۔ ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي انتظاميا کي خط ذريعي سنڌي فنڪارن لاءِ باقاعده ميمبرشپ، "ٿر لاڙ ۽ ڪاڇو ڊراما فيسٽيول" ۽ آرٽس ڪائونسل جي ڪنهن وڏي هال کي سنڌ جي عظيم شخصيت سان منسوب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويندو۔ جيڪڏهن عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس ڪراچي ۾ ڪوٺائي نه وئي ته ميلوحا آرٽ سرڪل احتجاجي تحريڪ شروع ڪندو۔ پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان سنڌي ٻولي ۽ فنڪارن کي نيڪالي ڏيڻ خلاف به منظم جدوجهد هلائي ويندي۔ ايندڙ هفتي ۾ ميلوحا جو وفد سڀني لاڳاپيل ادارن سان ملاقاتون ڪري پنهنجي احتجاج جو رڪارڊ ڪرائيندو۔ گڏجاڻي ۾ ٽي وي ۽ اسٽيج جي نامور فنڪارن ۽ ليکڪن شرڪت ڪئي، جن ۾ سينيئر اداڪارا نسرين ناز، شميم شيخ، فضا ملڪ، ثنا رضا، اينڪر سهڻي پارس، شاعر ۽ مزاح نگار منور جوڻيجو، پروڊيوسر ڊائريڪٽر آصف علي ڀٽو، سنگر شان ڏهر، ڊراما ڊائريڪٽر حسين شيخ ۽ صابر قريشي شامل هئا۔انهي موقعي تي سينئر اداڪارا نسرين ناز چيو "پاڻي هاڻ سر کان مٿي نڪري چڪو آهي، جيڪڏهن ثقافت وارو وزير جائز مطالبا نه مڃيندو ته ڪلچر کاتي جي آفيس آڏو ڌرڻو هنبو۔ سنڌي فنڪار ڪمزور نه آهن، اسان پنهنجا حق ڇنڻ ڄاڻون ٿا۔" منور جوڻيجو چيو "ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي گذريل ٽن سالن جي فنڊن جو آڊٽ ڪرائي ڏسجي ته خبر پوندي فن لاءِ ڪيترو ۽ ڪيئن استعمال ٿيو۔ اسان جو وڏو مطالبو عالمي سنڌي ڪانفرنس ۽ سنڌي ثقافت کي ورلڊ ڪلچر فيسٽيول ۾ مناسب نمائندگي آهي۔" شميم شيخ چيو "سنڌي فنڪار کي ننڍو سمجهي هر وقت تذليل ڪئي وڃي ٿي، جيڪا هاڻ ڪنهن صورت برداشت نه ٿيندي۔" ثنا رضا چيو "صرف آرٽس ڪائونسل ۽ ڪلچر کاتو ئي نه پر پي ٽي وي به سنڌي پروگرام ختم ڪري فنڪارن سان ناانصافي ڪري رهيو آهي۔" فضا ملڪ خبردار ڪيو "ثقافت کاتي پنهنجي رويو ۾ سڌارو نه آندو ته اسين سندن آفيسن اندر وڃي ڌرڻا هڻنداسين۔" هدايتڪار حسين شيخ چيو "پي ٽي وي وٽ اردو، پنجابي ۽ پشتو لاءِ وسيلا آهن، پر سنڌي ٻولي انهن جي اک جو ڪنڊو بڻجي چڪي آهي۔" صابر قريشي چيو "اسان هاڻ پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان جو گهيراءُ ڪنداسين، دما دم مست قلندر واري تحريڪ شروع ٿيندي۔" سهڻي پارس چيو "اسان کي هاڻ صرف آسرن ۽ دلاسن تي چپ نه ويهڻو پوندو، عملي جدوجهد ضروري آهي۔" مرڪزي صدر ايوب گل گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو "ميلوحا آرٽ سرڪل جي پليٽفارم تان صاف پيغام آهي ته ڪلچر کاتو سنڌي فنڪار جي مالڪي ڪري۔ واهرو کي ويري نه بڻايو وڃي۔ ثقافت وارو وزير ۽ ڊي جي مهرباني ڪري سنڌي فنڪار کي عزت سان انسان سمجهن۔" هن وڌيڪ مطالبو ڪيو ته انڊومينٽ ڪاميٽي مان بي دخل ڪيل اسحاق سميجو ۽ لاڙڪاڻي آرٽس ڪائونسل جي صدر کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي۔ سينيئر اداڪارا نسرين ناز کي به اداڪارن جي نمائندگي طور ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو وڃي۔ ايوب گل خبردار ڪيو "اسان يادداشت نامو ڏيڻ کان پوءِ سندن در تي وڃڻ بدران سڌو رستن تي نڪرنداسين۔ سڄي سنڌ ۾ ڌرڻا ۽ مظاهرا شروع ڪيا ويندا۔"
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
ميلوحا آرٽ سرڪل جي اهم گڏجاڻي
0 تبصرے