English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو جي لنجار هاوس ۾ عورتن کي گهرن جي ملڪيت جا سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا
150 views
|
10th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي گهرواري پنهنجي پٽن ۽ ڊي سي نوشهروفيروز سان گڏ سرٽيفڪيٽ ورهايا
نوشهره فيروز (ڊ ر)سنڌ حڪومت جي سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ ايفيڪٽيڊ (ايس پي ايڇ ايف) کاتي پاران 2022 جي ٻوڏ ۽ برساتن کان متاثر ٿيندڙ عورتن کي گهرن جي تعمير کان پوءِ ملڪيت جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ لنجار هائوس مورو ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ 146 عورتن کي گهرن جي ملڪيت جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.تفصيل موجب، سنڌ حڪومت برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ عورتن کي ملڪيت جا حق ڏنا آهن. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي زال، سندس پٽ حسن ضياء لنجار، علي ضياء لنجار، ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز محمد ارسلان سليم ۽ چيئرمين ضلعي ڪائونسل نوشهره فيروز سهيل اختر عباسي 146 عورتن کي گهر جا سرٽيفڪيٽ ڏنا. ان موقعي تي مقررين چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي روٽي ڪپڙو ۽ مڪان جو نعرو ڏنو، جنهن تحت سنڌ جي ماڻهن کي گهر ٺاهڻ کان پوءِ انهن جي گهرن جا مالڪي حق ڏنا پيا وڃن. اسان جو نعرو عوامي خدمت آهي. اسان عوامي خدمت تي يقين رکون ٿا ۽ عوام جي خدمت جاري رکنداسين. هن چيو ته اسان کي وڌيڪ ڪجهه ڪرڻو آهي ۽ هي صرف شروعات آهي. تقريب ۾ ايس ايس پي نوشهروفيروز بشير احمد بروهي، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي مورو نذير احمد ميمڻ، پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ مسرور احمد راجپر، دوست علي سولنگي، محمد خان حاجن جيسر، انفارميشن آفيسر قمر الزمان ڀنڀرو، سافڪو صوبائي سربراهه جئي پرڪاش، ضلعي مئنيجر سافڪو غلام اڪبر کوسو ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ذوالفقار علي ڀٽو
لنجار هاوس
0 تبصرے