ڏوڪري ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جي مان ۾ تقريب منعقد، کين انعام ڏنا ويا

عبدالحمید جيسر بهترين ڪارڪردگي ۽ ايمانداري سان سان ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن کي ايوارڊ ڏنا

ڏوڪري ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جي مان ۾ تقريب منعقد، کين انعام ڏنا ويا

ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري جي چيئرمين پاران ملازمن جي همٿ افزائي لاءِ تقريب منعقد، بهترين ڪارڪردگي ۽ ايمانداري سان ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن کي انعامن سان نوازيو. تفصيل موجب ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري جي ملازمن پاران ڏوڪري شهر جي صفائي سٿرائي سميت شهرين کي وس آهر بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري جي چيئرمين عبدالحمید جيسر پاران ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ ٽائون ڪاميٽي جي ملازم شرڪت ڪئي جڏهن ته بهترين ڪارڪردگي ۽ ايمانداري سان سان ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن کي ايوارڊ ڏنا ويا. ٽائون چيئرمين عبدالحميد جيسر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڏوڪري جي نوجوانن توڙي نياڻين لاءِ فري ڪمپيوٽر سينٽر، ڏوڪري شهر کي صاف سٿرو رکڻ، شهر ۾ اسٽريٽ لائيٽ،شهرين کي صاف سٿرو ماحول مهيا ڪرڻ لاءِ ڏوڪري جي چوڌاري گرين بيلٽ، شهرين لاءِ فري ايمبولينس سروس سميت کين ٻيون بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ آئون ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري جي سڀني ملازمن جو بيحد شڪر گذار آهيان جن جي محنت سان اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿي رهيو آهي، ٽائون جي ملازمن پنهنجي شهر کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ اسان سان هر وقت ساٿ نڀايو آهي جنھن لاءِ اسين سندن شڪر گذار آهيون، اڄ جي هي تقريب ملازمن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ننڍي ڪاوش آهي، ملازمن جي جذبي جي حوصلا افزائي لاءِ اڳتي اڃان به وڌيڪ اهڙي قسم جا پروگرام منعقد ڪندا رهنداسين، جڏھن ته سينئر ڪلارڪ فياض حسين ڀان، غلام مصطفي تنيو، شهداد علي ميمڻ، ماجد علي ڀٽو، قاضي ڪفايت ﷲ، فرحان علي ميراڻي، ڀاڳيو عرف خادم جوڻيجو، نديم علي جوڻيجو، اعجاز علي عباسي، عمران علي ميمڻ، حاڪم علي ٻرڙو، مظهر علي ميمڻ، ديدار علي ميراڻي سميت 50 ملازم کي ايوارڊ ڏنا ويا. تقريب ۾ ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري جي وائيس چيئرمين سيف الله سومرو، ڪائونسلر محراب علي خاصخيلي، حبيب الله کوکر، بشير احمد ٿهيم، ڪاشف حسین خاصخيلي، ڪرن ڪمار اوڏ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.