سجاول جي عدالت زنا ڪيس جي جوابدار کي سزا ٻڌائي ڇڏي

سجاول جي عدالت زنا ڪيس جي جوابدار کي سزا ٻڌائي ڇڏي

سجاول(رپورٽر)ضلع سجاول پوليس جي موثر/ميرٽ تي تفتيش جي نتيجي ۾ عدالت زنا جي ڪيس ۾ ڏوهاري کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. بٺوري ٿاڻي تي ڪيس نمبر 136/2023 ڏوھ دفه ppc.376 ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ڏوهاري کي عدالت سزا ٻڌائي آهي. فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج سجاول اشفاق احمد نظاماڻي جي عدالت زنا جي ڪيس ۾ ڏوهاري انور ولد آچار ٻائيتال کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ياد رھي ته سال 2023 ۾ ڏوهاري ڇوڪري ح.س.سان زنا ڪئي هئي جنھن جو ڪيس ڇوڪري جي چا چا عبدالرزاق ٻائيتال جي مدعيت ۾ بٺوري ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو. جديد تفتيشي طريقيڪار ۽ تحقيقات سان ڏوهاري ڪرڻ ۽ شاهد گڏ ڪري ۽ شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ ۾ پوليس تمام گهڻو مستعدي جو مظاهرو ڪيو. ايس ايس پي سجاول ڪيس جي تفتيشي آفيسر سب انسپيڪٽر پير غلام نبي شاھ ۽ adpp منورعلي دايو سميت پوري ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي. ايس ايس پي سجاول ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادي ان ڪاميابي تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هي پوليس جي ڏينھن رات محنت ۽ انصاف جي فراهمي جي عزم جو نتيجو آهي. ان وڌيڪ چيو ته شھرين جي تحفظ ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ جي لاء پوليس پنھنجي ڪوشش جاري رکندي