English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي کي عوام دشمن قرار ڏئي ڇڏيو
217 views
|
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
آئي ايم جي شرطن تي ھلي حڪومت عوام دشمن معاشي پاليسيون جوڙيون آھن: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي کي عوام دشمن قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آھي تہ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو واپس ورتو وڃي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ايندڙ دؤر وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪندو. مھانگائي وڌندي. آئي ايم جي شرطن تي ھلي حڪومت عوام دشمن معاشي پاليسيون جوڙيون آھن. اشرافيہ لاءِ سموريون مراعتون آھن ۽ غريب ماڻھن تي ناجائز ٽئڪس مڙھي انھن جو رت چوسيو پيو وڃي. روزانو آئي ايم ايف جي خنجر سان عوام کي ماريو پيو وڃي. حڪومت ٻڌائي تہ غريب عوام کي ڪيستائين مھانگائي جي سمنڊ ۾ ٻوڙيندا رھندا. حڪومت مھانگائي ختم ڪري عوام تي رحم ڪري. آئي ايم ايف جي حڪم تي عوام جو معاشي قتل بند ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپٽ حڪمرانن طرفان لٽيل دولت ٻاھرين ملڪن جي بئنڪن مان واپس آڻي آئي ايم ايف جو قرض واپس ڪيو وڃي. ملڪ جو غريب عوام ھاڻ مھانگائي جو بار نٿو کڻي سگھي. مشڪل حالتن ۾ رليف بدران عوام کي وڌيڪ مھانگائي جي دلدل ۾ اڇلائڻ بند ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ غربت جا ماريل ماڻھو بک ۽ بدحالي کان تنگ اچي معصوم ٻارن سميت خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. الميو آھي جو بي حس حڪمرانن جي ڪن تي جونء بہ نٿي چري. حڪمران پنھنجا شاھي خرچ بند ڪرڻ بدران عوام کي بدترين مھانگائي جي چڪي ۾ پيسي رھيا آھن. اياز لطيف پليجو چيو تہ پيٽروليم مصنوعات جون واڌيل قيمتون فوري طور تي واپس ورتيون وڃن. پيٽرول جون قيمتون وڌائي عوام جي وات مان ماني جو گرھ کسيو پيو وڃي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ٻاھرين ملڪن جي بئنڪن ۾ ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪرپشن جا اربين ڊالر ملڪ ۾ واپس آندا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجو
imf
0 تبصرے