English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سڳيون ڀرسان ساهرن پاران نوجوان ناري کي مبينا طور باهه ڏئي ساڙڻ خلاف احتجاج
129 views
|
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
سڳيون (رپورٽر) سڳيون ڀرسان سمي لڳ ٻ ڏينهن اڳ 22ورهين جي نوجوان ناري پيروزا ڪوري کي ساهرن طرفان تشدد ڪري مٿس پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي مارڻ واري ڪوشش واقعي کي ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود سوڀوديرو پوليس پاران واقعي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ خلاف متاثر نوجوان ناري جي وارثن جو ڳوٺ نبي بخش ڪوري ۾ عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن جو نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو سخت ناري بازي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن، سعيد ڪوري، مجيب ڪوري ،رجب ڪوري، ساجد ڪوري ،نجان ڪوري ،زاهدان ڪوري ،خديجا ڪوري ،ماروي ڪوري ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جون ٻه نياڻيون، پيروزا ۽ زاهدان ڪوري ڀٽي برادري جي ٻن ڀائرن عابد ڀٽي، غلام مصطفي ڀٽي کي ڏنل آهن، ٻه ڏينهن اڳ پيروزا ڪوري تي سس وزيران سهري مراد ڀٽي، ڏير سرور ڀٽي، گلشن ڀٽي ۽ نڻان بانو ڀٽي بدترين تشدد ڪري مٿس پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا گمس اسپتال گمبٽ جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل آهي جتي ڏاڪٽرن پاران چيو ويو آهي ته ناري جي بچڻ جا چانس تمام گهٽ آهن، پر افسوس جو ايڏي وڏي واقعي تي به ايس ايڇ او سوڀوديرو يار محمد ڀيو رشوت جون گوريون کائي نشي جهڙي ننڊ ستل آهي، جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ سبب هو اسان جي ٻئي نياڻي زاهدان ڪوري کي به موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن تون اسان خلاف بيان بازي ڪندي ته تنهنجو به اهو ئي حشر ڪنداسين جيڪو تنهنجي ڀيڻ سان ڪيو آهي، جڏھن ته اسان جي متاثر نياڻي جي مٿان به هو نه ٿا اچڻ ڏين، گذريل رات جڏهن اسان پنهنجي ڀيڻ سان اسپتال ملڻ وياسين ته هنن اسان کي ڌڪا ڏئي اسپتال کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، هنن ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نااهل ايس ايڇ او سوڀوديرو کي هٽائي، فرض شناس آفيسر مقرر ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ڇو ته جوابدار هينئر به اسان جي نياڻي مٿان قابض بڻيل آهن، اسان جي نياڻي کي ڪجھ به ٿيو ته ان جو ذميوار ايس ايڇ او سوڀوديرو يار محمد ڀيو ۽ مٿي ڄاڻايل جوابدار ڀٽي برادري جا ماڻهو هوندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سڳيون
ناري پيروزا ڪوري
0 تبصرے