English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: ڊپٽي ڪمشنر سان ڪائنات پبلڪ اسڪول آئيڊيل ڪيمپس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ملاقات
170 views
|
25th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽر)ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ سان ڪائنات پبلڪ اسڪول آئيڊيل ڪيمپس عمرڪوٽ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ملاقات ڪئي. ان موقعي تي شاگردن ضلعي انتظاميہ جي ڪارڪردگي، اسڪولن جي شاگردن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ، امتحانن دوران نقل جي خاتمي، شاگردن جي سيڪيورٽي، خاص ڪري تعليم، صحت ۽ ميونسپل خدمتن بابت مختلف سوال ڪيا. ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ شاگردن جي سوالن جا تفصيلي جواب ڏنا ۽ ضلعي سطح تي جاري مختلف ترقياتي منصوبن، تعليمي معيار جي بهتري، صحت جون سهولتون وڌائڻ ۽ صفائي سٿرائي سميت ميونسپل خدمتن ۾ سڌارن لاءِ کنيل قدمن بابت روشني وڌي. ان موقعي تي هن شاگردن جي آگاهي ۽ سماجي شعور کي ساراهيو ۽ کين مستقبل جا ذميوار شهري بڻجڻ جي تلقين ڪئي. هن وڌيڪ چيو تہ اوهان پنھنجي تعليم جاري رکو، محنت ۽ لگن سان اوهان پنهنجي منزل حاصل ڪري سگهو ٿا. ڊپٽي ڪمشنر چيو تہ اوهان بہ پنهنجي قابليت ۽ صلاحيت سان فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان پاس ڪري آفيسر بڻجي سگهو ٿا ۽ عوامي خدمت سرانجام ڏئي سگهو ٿا. ھن اها بہ خاطري ڪرائي تہ شاگردن کي مختلف اسڪالرشپس بابت آگاهي فراهم ڪئي ويندي ۽ اسڪولن ۾ مختلف راندين جا پروگرام ڪرايا ويندا، جنهن ۾ ضلعي انتظاميہ مڪمل سهڪار ڪندي. ان موقعي تي ڪائنات پبلڪ اسڪول آئيڊيل ڪيمپس عمرڪوٽ جي پرنسپال ميڊم زرفشان ارباب، اسڪول ايڊمنسٽريٽر تلسي داس مالهي، اسڪول جا استاد، شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڻ موجود هيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
ڪائنات پبلڪ اسڪول آئيڊيل
0 تبصرے